اسان سدائين پارليامينٽ کي ڇٽي سمجهيو آهي ۽ اها ئي جمهوريت جي گهرج آهي،

جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ مسئلا حل نه ٿيندا ته ماڻهو رستن تي احتجاج ڪندا، حڪومت طرفان آبادگارن جي لاءِ ڏنل 3 ارب روپين جي پيڪيج تي عمل ناهي ٿيو: سيد خورشيد احمد شاهه

اسان سدائين پارليامينٽ کي ڇٽي سمجهيو آهي ۽ اها ئي جمهوريت جي گهرج آهي،
جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ مسئلا حل نه ٿيندا ته ماڻهو رستن تي احتجاج ڪندا، حڪومت طرفان آبادگارن جي لاءِ ڏنل 3 ارب روپين جي پيڪيج تي عمل ناهي ٿيو: سيد خورشيد احمد شاهه

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته اسان سدائين پارليامينٽ کي ڇٽي سمجهيو آهي ۽ اها ئي جمهوريت جي گهرج آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ مسئلا حل نه ٿيندا ته ماڻهو رستن تي احتجاج ڪندا، حڪومت طرفان آبادگارن جي لاءِ ڏنل 3 ارب روپين جي پيڪيج تي عمل ناهي ٿيو، اسان ٻاڙائي جي باوجود آبادگارن کي سپورٽ پرائيس ڏني، ڪنهن کي بيروزگار نه ڪيو، ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته گذريل ڏينهن هي اعتراض ڪيو ويو ته مخالف ڌر اڳواڻ اهم بحث ڇڏي لاهور هليوويو، هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ طور هن ايوان کي سڀ کان وڌيڪ وقت ڏنو آهي، هن چيو ته اسان سدائين پارليامينٽ کي ڇٽي سمجهيو آهي، اها ئي جمهوريت جي گهرج آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ مسئلا حل نه ٿيندا ته ماڻهو رستن تي احتجاج جي لاءِ وڌندا آهن، هن چيو ته حڪومت آبادگارن جي لاءِ ٽي ارب جو پيڪيج ڏنو پر ان تي عمل ناهي ٿيو، آبادگارن کي احتجاج تي لاهور ۾ گرفتار ڪيو ويو، اسان جو رستو روڪڻ جو ڪو به سبب نه هو، اسان جي احتجاج کانپوءِ حڪومت آبادگارن سان گڏجي ڳالهه ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو جيڪو خوش آئنده آهي، هن چيو ته گڏيل قومن ۾ وزيراعظم جيڪو خطاب ڪيو ان حوالي سان ايوان کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان پنهنجي حڪومتي دور ۾ دنيا ۾ ٻاڙائي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ جي سپورٽ پرائيس جو اعلان ڪيو، 2009ع ۾ پاڪستان ڪڻڪ ۾ پاڻڀرو هو ۽ اسان ڪڻڪ ۽ چيني برآمد ڪئي، پاڪستان جي بنيادي صنعت نه زراعت آهي، هتي 80 سيڪڙو صنعتون زراعت تي ڀاڙينديون آهن، هن چيو ته اسان کي ڪپهه درآمد ڪرڻي پوندي، هن چيو ته جيڪڏهن اسان جو فوڊ باسڪٽ تباهه ٿي ويو ته اسان جي معيشت برباد ٿي ويندي، اسان چاهيون ٿا ته نظام ۽ جمهوريت هلندي رهي، دنيا جي دٻاءُ جي باوجود اسان توانائي جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ايران سان معاهدو ڪيو، اسان پنهنجي دور ۾ چين سان گوادر جو معاهدو ڪيو، 2012ع ۾ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 29 ارب ڊالر هئا، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اسان پنج ساله حڪومتي دور ۾ پنج ڀيرا اضافو ڪيو جيڪو 127 سيڪڙو بڻجي ٿو، اين ايف سي ايوارڊ جو مسئلو حل ڪيو، اسان پنهنجي دور ۾ دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، ڪنهن کي به بيروزگار نه ڪيو، هڪ لک پنج هزار ليڊي هيلٿ ورڪرز کي مستقل ڪيو، هن چيو ته پاڪستان ان وقت ترقي يافته ملڪ چورائيندو جڏهن ٻهراڙين ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ٿيندو، ٻارن کي تعليم ملندي. آبادگارن ۽ هارين جا مسئلا حل ٿيندا، آبادي وڌي رهي آهي، زرعي زمين بلڊر مافيا جي نظر ٿي رهي آهي، آبادي جي تناسب سان منصوبابندي جي ضرورت آهي. اي پي پي/ش – چ/ر – م 16:59