حڪومت پاران سيپٽمبر 2016ع ۾ سارڪ ملڪن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي ڀيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش

حڪومت پاران سيپٽمبر 2016ع ۾ سارڪ ملڪن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي ڀيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29ستمبر 2016ء) حڪومت سيپٽمبر 2016ع ۾ سارڪ ملڪن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي ڀيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب ڀارت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت تقريبن ساڍا 39 روپيا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 13 روپيا وڌيڪ آهي، ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مسرت رفيق مهيسر جي سوال جي جواب ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت طرفان هي ڀيٽ پيش ڪئي وئي جنهن موجب سريلنڪا ۾ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 92 روپيا 7 پئسا ۽ ڊيزل 68 روپيا 33 پئسا، بنگلاديش ۾ پيٽرول 113 روپيا 37 پئسا ۽ ڊيزل 82 روپيا 80 پئسا، نيپال ۾ پيٽرول 91 روپيا 61 روپيا ۽ ڊيزل 68 روپيا 95 پئسا جڏهن ته پاڪستان ۾ پيٽرول 64 روپيا 27 پئسا ۽ ڊيزل 72 روپيا 52 پئسا آهي. اي پي پي/ش – چ/ر – م 16:49