ڀارت جنگي جنون کي هٿي وٺرائي خطي جي امن کي داءُ تي نه لڳائي، ملڪ جي لاءِ هٿياربند فوج ۽ عوام پوري طرح تيار ۽ متحد آهي: صدر ممنون حسين

ڀارت جنگي جنون کي هٿي وٺرائي خطي جي امن کي داءُ تي نه لڳائي، ملڪ جي لاءِ هٿياربند فوج ۽ عوام پوري طرح تيار ۽ متحد آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29ستمبر 2016ء) صدر ممنون حسين ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرول تي فائرنگ جي پرزور مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت جنگي جنون کي هٿي وٺرائي خطي جي امن کي داءُ تي نه لڳائي، ملڪ جي لاءِ هٿياربند فوج ۽ عوام پوري طرح تيار ۽ متحد آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ جاري تشدد ۽ ظلم ۽ ستم تي پردو وجهڻ لاءِ اهڙا هٿڪنڊا استعمال ڪري رهيو آهي، ڪالهه خميس ڏينهن ايوان صدر طرفان جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان سفارتي محاذ تي ڪشمير جي مسئلي کي ڀرپور طريقي سان کنيو آهي جنهن سان ڀارت کي شڪست آئي آهي ۽ ان جو والاريل ڪشمير ۾ اصل چهرو سامهون آيو آهي، صدر چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي گڏيل قومن ۾ خطاب ۽ ان دوري ۾ ڪامياب سفارتڪاري سبب بين الاقوامي طور تي پاڪستان کي مثبت رد عمل مليو آهي جنهن سان ڀارت بوکلائٽ جو شڪار ٿي ويو آهي، هن چيو ته ڀارت هاڻي ڪريل حرڪتن جي ذريعي عالمي برادري جو ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو جنهن ۾ هو ڪامياب نه ٿي سگهندو، صدر چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ هو ڪنهن ملڪ سان ٽڪراءُ نٿو چاهي پر جيڪڏهن جارحيت ٿي ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج پوري طرح چوڪس آهي ۽ هو اهڙي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، صدر چيو ته بين الاقوامي برادري ڪنٽرول لائين تي ڀارت جي فائرنگ جو نوٽيس وٺي ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ برهان واني جي شهادت ڪشميرين کي آزادي جو نئون جذبو ڏنو آهي ۽ ڪشمير جي مسئلي جي حل کانسواءِ خطي ۾ امن ممڪن نه آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري کي گهرجي ته هو ڪشميرين جي امنگن موجب ان مسئلي کي حل ڪري. اي پي پي/ش – چ/ر – م 15:11