لاهور ۾ آبادگارن سان احتجاج ڪندڙ پنهنجي حڪومت جي دور کي ياد ڪن: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

لاهور ۾ آبادگارن سان احتجاج ڪندڙ پنهنجي حڪومت جي دور کي ياد ڪن: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28ستمبر 2016ء) اطلاعات ۽ نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته لاهور ۾ آبادگارن سان احتجاج ڪندڙ پنهنجي حڪومت جي دور کي ياد ڪري پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي وجهن، وفاقي حڪومت ٽيوب ويلن کي بجلي جي فراهمي ڊيزل ۽ يوريا جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري آبادگارن کي رليف ڏنو آهي، آبادگارن جي همدردي ۾ لاهور پهچندڙن جي دور ۾ يوريا جي في ٻوري ساڍا 2 هزار رپيا هئا، موجوده حڪومت 1400 رپين ۾ يوريا جي ٻوري فراهم ڪري رهي آهي، ڊي اي پي جي موجوده قيمت 2650 رپيا آهي جيڪا 2013ع ۾ 3900 رپيا هئي، ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي ٻئي لاهور پهچي ويا آهن، انهن ٻنهي جو پاڻ ۾ مقابلو آهي ڇو ته هر چونڊ عمل ۾ عوام مسلم ليگ (ن) کي چونڊيو آهي ۽ انهن کي رد ڪيو آهي، حيرت جي ڳالهه آهي ته جيڪو آبادگارن کي سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي، ان کي ئي آبادگارن کي رليف ڏيڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، احتجاج ڪندڙ چونڊن کان اڳ ۾ گوڙ ڪري پنهنجو سياسي قد وڌائڻ چاهين ٿا پر ائين نه ٿيندو، ڪنهن کي احتجاج انتشار ۽ ڪاهه ڪري عوام جو حق کسڻ نه ڏينداسين. ڪالهه اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته آئون سيد خورشيد شاهه جو احترام ڪريان ٿو پر هو اڄ رستي بدران پارليامينٽ ۾ ڳالهه ڪري ها ته اسان کيس جواب به ڏيون ها پر هن رستي جو رستو اختيار ڪيو آهي جنهن تي آئون مجبور ٿي هتي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. وفاقي وزير چيو ته سيد خورشيد شاهه سنڌ مان وڃي لاهور ۾ احتجاج ڪري رهيو آهي، آبادگارن سان احتجاج ڪندڙ محمد نواز شريف کي ٽيوب ويلن لاءِ بجلي جو في يونٽ 10 رپيا 35 پئسن مان گهٽ ڪري 5 رپيا 35 پئسا ڪرڻ ۽ 27 ارب رپين جا خرچ برداشت ڪرڻ جي سزا ڏيڻ چاهين ٿا. وزيراعظم محمد نواز شريف آبادگارن کي ڊيزل 72 رپيا 55 پئسا في ليٽر فراهم ڪرڻ جا قدم کنيا جڏهن ته 2013ع ۾ خورشيد شاهه جي حڪومت ۾ اهو ڊيزل 110 رپيا في ليٽر آبادگارن کي ملي رهيو هو. هن چيو ته پنجاب حڪومت آبادگارن کي گرين ٽريڪٽر اسڪيم تحت 25 سيڪڙو رعايتي اگهن تي گرين ٽريڪٽر فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته خورشيد شاهه ٻڌائي ته ڇا سنڌ ۾ ڪا اهڙي اسڪيم آهي جيڪڏهن نه آهي ته پوءِ هو نوابشاهه ۾ احتجاج ڪري سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪري ته آبادگارن جي لاءِ گرين ٽريڪٽر وانگر اسڪيم جاري ڪئي وڃي ڀلي ان جو نالو بلاول ڀٽو يا محترمه بينظير ڀٽو شهيد رکيو وڃي. هن چيو ته اسان آبادگارن کي سبسڊي ان جي لاءِ ڏيون ٿا جو اسان رشوت نه ٿا کائون ۽ پنهنجون ذميواريون شفاف طريقي سان ادا ڪريون ٿا، حيرت آهي جيڪو آبادگارن کي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي ان کي ئي آبادگارن کي رليف ڏيڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. هن چيو ته پنجاب ۾ ڪمند جي آبادگار کي في مڻ قيمت 180 رپيا ملي ٿي جڏهن ته سنڌ ۾ 172 رپيا في مڻ جي حساب سان قيمت ڏني وڃي ٿي، اتي پنجاب جي برابر قيمت ڪرڻ جي لاءِ شاهه صاحب احتجاج ڇو نه ٿو ڪري، پنجاب ۾ ڪمند جي آبادگارن کي سموريون ادائيگيون ڪيون ويون آهن، سنڌ ۾ آبادگار روئي رهيا آهن پر اتي احتجاج نه ٿو ٿئي ۽ پنجاب ۾ آبادگارن جي لاءِ ڌرڻا ڏنا پيا وڃن، سنڌ ۾ ڪمند پنجاب جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مٺو هوندو آهي پر پوءِ به پنجاب ۾ في مڻ قيمت وڌيڪ ڏني پئي وڃي، مون کي خوشي ٿئي ها ته جيڪڏهن شاهه صاحب سنڌ حڪومت خلاف احتجاج ڪري مطالبو ڪري ها ته آبادگارن کي 190 يا 200 رپيا في مڻ ڏنو وڃي، نوابشاهه ۾ ٿورو گهڻو احتجاج ڪري ها. وفاقي وزير چيو ته منهنجو حق ٿئي ٿو ته آئون خورشيد شاهه کان پڇان ته هو پارليامينٽ جو فورم ڇو ڇڏي ويو، هو پنجاب سان گڏوگڏ سنڌ جي آبادگارن جي حقن جي به ڳالهه ڪري پر سندس عمل مان اهو تاثر ملي ٿو ته ٻين کي نصيحت ۽ پاڻ ميان فضيحت آهي. هن چيو ته آئون پڇان ٿو ته کيس سيپٽمبر ۾ احتجاج ڪندڙن جو خيال ڪيئن آيو، اسان سدائين مخالف ڌر کي فري هينڊ ڏنو آهي ۽ انهن کي ڪڏهن به احتجاج کان ناهي روڪيو، هي 2018ع تائين صبر ڪن، اهي ماڻهو افراتفري پيدا ڪري ايندڙ چونڊن کان ڀڄڻ چاهين ٿا پر انهن کي ڀڄڻ نه ڏينداسين ۽ ايندڙ چونڊن تائين وٺي وينداسين، هي نه ڪنهن عدالتي فيصلي کي مڃن ٿا ۽ نه ئي ڪنهن اداري جو احترام ڪن ٿا، ججن تي به اعتماد نه ٿا ڪن، پيپلزپارٽي پنهنجي اڳواڻن جي پاليسين سبب ٻئي کان ٽئين نمبر جي پارٽي بڻجي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته لاهور ۾ ڪنهن به آبادگار کي نه گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي وري ڪو تشدد ڪيو ويو آهي، اڄ ڪئميره جو دور آهي، هيستائين ڪو فوٽو اچي وڃي ها پر احتجاج ڪندڙ مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن پر اسان انهن کي ڪوڙ جي پٺيان لڪڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته وزيراعظم آبادگارن لاءِ هڪ شاندار پئڪيج جو اعلان ڪيو جنهن تحت پنجاب ۾ آبادگارن کي رقم جاري ڪئي وئي آهي، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اتان جي حڪومتن پنهنجو پنهنجو حصو نه وڌو جنهن جي ڪري ادائيگين جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيون اهي پنهنجي حصي جا فنڊ جاري ڪن ته ادائيگيون ٿي وينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رائيونڊ مارچ سان ڪا به تبديلي نه ايندي، جون 2018ع تائين جو انتظار ڪن، فيصلو عوام ڪندي ۽ جيڪو به هوندو اهو قبول هوندو، احتجاج ڪندڙ چونڊن کان پهرين گوڙ ڪري پنهنجو سياسي قد وڌائڻ چاهين ٿا پر هاڻي ائين نه ٿيندو، هي ميڊيا جو دور آهي انهن کي عوام جو فيصلو مڃڻو پوندو. اي پي پي/ش – چ/ع – ک22:14