1991ع کان 2015ع تائين 98 سيڪڙو صنعتي يونٽن جي نجڪاري ڪئي وئي آهي: وفاقي وزير زاهد حامد

1991ع کان 2015ع تائين 98 سيڪڙو صنعتي يونٽن جي نجڪاري ڪئي وئي آهي: وفاقي وزير زاهد حامد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28ستمبر 2016ء) سينيٽ ۾ مختلف ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته 1991ع کان 2015ع تائين 98 سيڪڙو صنعتي يونٽن جي نجڪاري ڪئي وئي آهي، پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ايڪٽ جي شق 8 موجب انجنيئرنگ ڪائونسل جو ڪم رجسٽرڊ انجنيئرز، پروفيشنل انجنيئرز، ڪنسلٽنٽس انجنيئرز ۽ آپريٽرز طور باصلاحيت ماڻهن جي رجسٽريشن ڪرڻ آهي، ايف بي آر ان لينڊ روينيو ايوارڊ رولز 2016ع جاري ڪيا آهن. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽر تاج حيدر، سينيٽر شاهي سيد جي سوالن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته جن صنعتي يونٽن جي نجڪاري ڪئي وئي آهي انهن ۾ 7 آٽو موبائيلز، 15 سيمنٽ، 13 ڪيميڪل، 17 انجنيئرنگ، 6 فرٽيلائيزر، 23 گيهه، 8 چانورن، 15 ڪپهه جا پلانٽس ۽ 8 ٽيڪسٽائيل يونٽس شامل آهن. هن چيو ته هن وقت نجڪاري پاليسي تبديل ٿي وئي آهي ۽ سرڪاري ۽ نجي حصيدار جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي سي ايل سميت مختلف ادارن جي نجڪاري ۾ مسئلا آهن پر ڪافي ادارن جي نجڪاري ڪامياب پڻ رهي آهي. بئنڪن، فرٽيلائيزرز ۽ آٽو موبائيلز جي نجڪاري وڏي ڪامياب رهي آهي، هاڻي اسٽريٽجڪ وڪري بدران سرڪاري ۽ نجي حصيدارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. سينيٽر ميان عتيق شيخ ۽ سينيٽر اعظم سواتي جي سوالن جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير ايوان کي ٻڌايو ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ايڪٽ جي شق 8 موجب انجنيئرنگ ڪائونسل جو ڪم رجسٽرڊ انجنيئرز، پروفيشنل انجنيئرز، ڪنسلٽنٽس انجنيئرز ۽ آپريٽرز طور باصلاحيت ماڻهن جي رجسٽريشن ڪرڻ آهي. پي اي سي کي ملڪ ۾ انجنيئرز جي لاءِ نوڪريون ڏيڻ جو اختيار حاصل نه آهي تنهن هوندي به هاڻي نون گريجوئيٽس جي لاءِ مختلف آفيسن ۾ ٽن مهينن جي انٽرن شپ جا موقعا ڏنا ويا آهن. سينيٽر ميان عتيق شيخ، اعظم سواتي ۽ شيخ نعمان وزير جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته ايف بي آر ان لينڊ روينيو ايوارڊ رولز 2016ع جاري ڪيو آهي جنهن تحت ٽيڪس جي وصول ٿيندڙ رقم جو هڪ مخصوص حصو اطلاع ڏيندڙ کي ڏنو ويندو. سينيٽر نعمان وزير، شاهي سيد ۽ سينيٽر تاج حيدر جي سوالن جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ٻڌايو ته هن وقت سوست ڊرائي رپورٽ تي 36 شيڊز آهن، هڪ وقت 36 گاڏيون يا ڪنٽينرز بيهارڻ جي گنجائش آهي. هن چيو ته پورٽ کي پاڪ چين سلڪ روڊ پورٽ ڪمپني پاران هلايو وڃي ٿو. هن چيو ته هن وقت پورٽ تي گنجائش ته وڌيڪ آهي پر ڪنٽينرز، گاڏيون روزانو ٽي کار چار اچي رهيون آهن. سينيٽر اعظم سواتي، نعمان وزير، عبدالرحمان ملڪ ۽ ڪلثوم پروين جي سوالن جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ٻڌايو ته نيشنل ڪوالٽي پاليسي ۾ پي ايس ڪيو سي اي جي نئين سر جوڙجڪ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي ته جيئن ان جي ڪارڪردگي بهترين عالمي معيار موجب بڻائي سگهجي، ان سلسلي ۾ سمري ڪابينا ڏانهن موڪلي پئي وڃي. هن چيو ته ڪراچي ۾ هڪ موبائيل ٽيسٽنگ ليبارٽري کي فعال بڻايو ويو آهي جڏهن ته ٻين شهرن ۾ پڻ اهڙيون ليبارٽريون قائم ڪيون وينديون. سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر اعظم سواتي ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ وفاقي وزير زاهد حامد ايوان کي ٻڌايو ته ڪارپوريٽ ادارن جا 81 ارب رپيا ۽ نان ڪارپوريٽ ادارن جا 10 ارب رپيا ٽيڪس ريفنڊ جي مد ۾ واجب الادا آهن. سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 117 ارب رپيا ۽ روانگي واپار جي مد ۾ 53 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن. ايف بي آر جي ڪوششن سان ريفنڊ جي التوا ۾ پيل معاملن کي اڪلائڻ ۾ مدد ملي آهي. سينيٽر اعظم سواتي ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ زاهد حامد چيو ته روزاني استعمال جي اڪثر شين کي يا ته مڪمل طور تي سيلز ٽيڪس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي يا انهن سيلز ٽيڪس گهٽ ڪيو ويو آهي، ضرورت جي شين تي هنيل ڪسٽم ڊيوٽي ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي ڪنهن تجويز تي ايف بي آر غور نه ڪري رهي آهي تنهن هوندي به ضرورتن جي شين تي سڌن ٽيڪسن جو بار عام ماڻهو تي گهٽ کان گهٽ رکڻ جي لاءِ ڀاڄين، دالين وغيره تي اهو ٽيڪس وصول نه پيو ڪيو وڃي، حڪومت مالي سال 17 – 2016ع جي بجيٽ ۾ ٽيرف سلپس جو انگ گهٽ ڪري 5 کان 4 ڪري ڇڏيو آهي، ٽيرف سڌارن جا مثبت نتيجا نڪتا آهن. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 17:36