قومي اسيمبلي ۾ فاٽا سڌارن تي بحث

قومي اسيمبلي ۾ فاٽا سڌارن تي بحث

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي ۾ فاٽا سڌارن تي بحث ۾ حصو وٺندي فاٽا جي ميمبرن ڪميٽي پاران ڏنل سفارشن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته فاٽا جي عوام سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني آهي، انهن کي 2018ع جي چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي ۾ پنهنجا نمائندا چونڊڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، فاٽا جي ترقياتي پروگرام تي 5 سالن ۾ عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم نواز شريف پاران فاٽا سڌارن واري ڪميٽي جوڙڻ تي عوام سندس ٿورائتي آهي، ڪميٽي آئين موجب جرڳو ڪري هر طبقي کان راءِ وٺي پنهنجون سفارشون جوڙيون آهن. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ فاٽا سڌارن تي بحث ۾ حصو وٺندي مسلم ليگ (ن) جي ميمبر شهاب الدين خان چيو ته فاٽا سڌارن واري ڪميٽي پاران فاٽا ۾ وڃي ڌرين جي راءِ وٺڻ تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا. ماضي جي ابتڙ ڪميٽي هر طبقي جو موقف ٻڌو، ان جي رپورٽ حقيقت تي ٻڌل آهي، ايف سي آر فاٽا جي لاءِ نه هو، قبائلين سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو، ڪي پي ڪي ريفرنڊم کانپوءِ جڏهن ته فاٽا جا ماڻهو 1947ع ۾ سڀ کان اڳ پاڪستان ۾ شامل ٿيا، انهن کي سڀ کان اڳ مراعتون ۽ سڌارا ڏيڻ گهرجن ها. هن چيو ته سڀ کان پهرين فاٽا کي صوبي ۾ ضم ڪيو وڃي ته جيئن هتي بلدياتي چونڊون ۽ 2018ع ۾ چونڊون ان تحت ٿين. اليڪشن ڪميشن کي چيو وڃي ته هو هتي تڪبنديون ڪري. اڄ تائين فاٽا تي 14 رپورٽون آيون تنهن هوندي به ڪنهن تي عملدرآمد نه ٿيو. فاٽا جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ 18 پارليامينٽ ميمبرن جي موجودگي ۾ ڪنهن ڊائريڪٽر جي ضرورت نه آهي، ان رپورٽ تي عملدرآمد نه ٿيو ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي. فاٽا سڌارن جي مخالفت ڪندڙ ڏوهاري ماڻهو آهن، جيستائين اهو صوبي ۾ ضم نه ٿيندو ٻن سرحدن تي وڙهندا رهندا. حاجي بسم الله خان چيو ته فاٽا سڌارن واري ڪميٽي جون سفارشون ساراهه جوڳيون آهن، ڪميٽي هر ايجنسي ۾ وڃي سفارشون ورتيون، فاٽا جي عوام جون هن ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون آهن، اسان جا فاٽا جا ماڻهو بنا پگهار جي اولهندي سرحد تي فوج گڏ حفاظت ڪن ٿا، اسان پاڪستان جي لاءِ قربانيون ڏيون ٿا ۽ ڏيندا رهنداسين. ناصر آفريدي چيو ته فاٽا جي لاءِ هي تاريخي ڏينهن آهي، فاٽا ۾ بدعنواني کان اهي ماڻهو متاثر آهن. ڊاڪٽر گلاب جمال چيو ته تمام اهم معاملو آهي، ان تي تفصيلي بحٿ ٿيڻ گهرجي. اسپيڪر چيو ته هي تمام وڏو ڪم ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ان تي سياسي پارٽيون ۽ چونڊيل پارليامينٽرينز وڏو ڪم ڪيو آهي، ان تي خميس تي به ڳالهه ٿيندي، سمورا فاٽا ميمبر ڳالهه ڪندا ۽ ٻيا ميمبر پڻ ڳالهه ڪندا. غازي گلاب جمال چيو ته فاٽا جا ماڻهو ڊيورنڊ لائين جي ٻنهي طرف آباد آهن. ساجد طوري چيو ته قبائلي سڀ کان وڏا پاڪستاني آهن، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هڪ لک تائين قربانيون ڏنيون آهن. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر محمد نذير خان چيو ته وزيراعظم نواز شريف پاران فاٽا سڌارن واري ڪميٽي تي پوري قوم سندس ٿورائتي آهي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 17:13