رائيونڊ ۾ عمران خان سان ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو قيادت ڪندي: ڪامل علي آغا

رائيونڊ ۾ عمران خان سان ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو قيادت ڪندي: ڪامل علي آغا

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28ستمبر 2016ء) مسلم ليگ (ق) جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر ڪامل علي آغا چيو آهي ته رائيونڊ ۾ عمران خان سان ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو قيادت ڪندي. هن اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو. ڪامل علي آغا چيو ته رائيونڊ ۾ عمران خان جي احتجاجي جلسي ۽ ڌرڻي ۾ شرڪت جو اڃان ڪو به فيصلو ناهي ٿيو، پارٽي اندر مشاورت جو عمل جاري آهي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته احتجاج اپوزيشن ۽ سياسي پارٽين جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي، پر ان کي پرامن رکڻ اڳواڻن جي ذميداري آهي. اي پي پي/ش – چ/ر – م 14:25