ڀارت دنيا جو سڀ کان وڏو دهشتگرد آهي: عابد شير علي

ڀارت دنيا جو سڀ کان وڏو دهشتگرد آهي: عابد شير علي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28ستمبر 2016ء) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته ڀارت دنيا جو سڀ کان وڏو دهشتگرد آهي، نريندر مودي کي وزيراعظم آئينو ڏيکاري ڇڏيو، انڊيا پوري دنيا ۾ اڪيلو رهجي ويو، پنهنجي حڪمت عملي سان ڪشمير مسئلو حل ڪنداسين، ملڪ جو هر ماڻهو وطن جي حفاظت لاءِ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهندو. هن اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت پنهنجي ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ خراب حرڪتن تي لهي آيو اهي، ڪشميرين تي ظلم ڪا نئين ڳالهه نه آهي، ڀارت ماضي ۾ به خلاف ورزيون ڪيون هاڻي دنيا کي انڌيري نٿو رکي سگهجي، ڀارت جيڪڏهن پاڪستان کي للڪارڻ جي غلطي ڪئي ته پوري قوم پير ۽ جوان پاڪ فوج سان گڏجي پنهنجي چپي چپي جي حفاظت ڪندي، هن چيو ته نريندر مودي ۽ ڀارت دنيا جا سڀ کان وڏا دهشتگرد آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان پنهنجي حڪمت عملي سان ڀارت کي سڄي دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ڪشمير ڪاز کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽنداسين، پهرين به ڪشميرين جي حقن لاءِ ٺوس موقف تي قائم هو ۽ هاڻي به ان تي قائم آهي. اي پي پي/ش – چ/ر – م 14:21