پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي: قومي اسيمبلي کي آگاهي

پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 21 مئی 2018ء) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ مختلف ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي موجوده صلاحيت ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي، سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ شيخ روحيل اصغر جي سوال جي لکت واري جواب ۾ ايوان کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ مختلف ڊيمن ۾ پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي وڌ کان وڌ صلاحيت 14 ملين ايڪڙ فوٽ آهي جيڪا پاڪستان جي دريائن جي وهڪري جو ساليانو 10 سيڪڙو آهي، ذخيري جي هي صلاحيت ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي، ايوان کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال دوران ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي نومبر 2017ع ۾ ربيع جي موسم جي لاءِ پاڻي جي 36 سيڪڙو کوٽ جي اڳڪٿي ڪئي هئي، ايوان کي ٻڌايو ويو ته نون وڏن ذخيرن جي تعمير نه ٿيڻ موجوده ذخيرن ۾ مٽي گڏ ٿيڻ، آبادي ۽ پاڻي جي گهرج ۾ اضافو ۽ موسمياتي تبديلين سبب پاڻي جي کوٽ جي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، ايوان کي ٻڌايو ويو ته چار اپريل 2018ع تي ٽن وڏن ڊيمن ۾ پاڻي جو دستياب ذخيرو ان جي گهٽ ترين سطح تي رهيو، گذريل پنج سالن ۾ ذخيري جي سراسري شرح 11421 ملين ايڪڙ فوٽ جڏهن ته گذريل 10 سالن جي ذخيري جي سراسري شرح 10580 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.