قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ تائين ملتوي

قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ تائين ملتوي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 21 مئی 2018ء) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ اڱاري جي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس جڏهن شروع ٿيو ته ايل او سي تي فائرنگ ۽ آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستاني شاگردياڻي سبيڪا شيخ جي لاءِ فاتحه خواني جي فورن بعد خواجه سهيل منصور ڪورم جي نشاندهي ڪئي جنهن تي اسپيڪر اجلاس ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو، بعد ۾ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته اسپيڪر ڳڻپ جو حڪم ڏنو، ميمبرن جو گهربل تعداد نه هجڻ تي اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ اڱاري جي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.