ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون جي جاچ لاءِ 4 رڪني ڪميٽي قائم

ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون جي جاچ لاءِ 4 رڪني ڪميٽي قائم

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 16 مئی 2018ء) ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون جي جاچ لاءِ 4 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪالهه اربع ڏينهن پاور ڊويزن پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب پاور ڊويزن وارو ايڊيشنل سيڪريٽري وسيم مختار ڪميٽي جو سربراهه هوندو جڏهن ته ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ 3 ماهر شامل آهن. ڪميٽي سسٽم ۾ خرابي جا سبب ۽ بجلي جي بحالي جي لاءِ ڪيل ڪوششن جو جائزو وٺي پنهنجي رپورٽ جوڙيندي ۽ اڳتي اهڙي قسم جي صورتحال کان بچڻ لاءِ سفارشون تيار ڪندي. ڪميٽي پنهنجي رپورٽ پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري کي پيش ڪندي.