پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف پاران حڪومتي موقف تسليم ڪرڻ کان انڪار

پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف پاران حڪومتي موقف تسليم ڪرڻ کان انڪار

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 16 مئی 2018ء) پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف فاٽا جي انضمام جي حوالي سان حڪومتي موقف کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن فاٽا جي انضمام جو بل نه پيو آندو وڃي ته اسان ان کان هٽي ڪري ڪنهن آئيني ترميم جو حصو نه بڻجنداسين، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فاٽا جي انضمام ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن پاڪستان ٺهڻ وقت ۽ ارڙهين ترميم جي وقت انفرااسٽرڪچر جي تعمير جي شرط لاڳو ٿئي ها ته هي ٻئي ڪم نه ٿي سگهن ها، فاٽا جي حوالي سان جامع بل اچڻ گهرجي، پيپلزپارٽي جي عبدالستار بچاڻي چيو ته فاٽا جي خيبرپختونخوا ۾ انضمام جي حوالي سان اطلاع هئا هاڻي چيو پيو وڃي ته انضمام جو بل نه پيو اچي، اسان ان کان هٽي ڪري ڪنهن آئيني ترميم جو حصو نه بڻجنداسين، ان سان گڏ ئي پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي جا ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ويا.