قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن جو ڪم ترقياتي ڪم ڪرائڻ ناهي: سينيٽر اعظم سواتي

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن جو ڪم ترقياتي ڪم ڪرائڻ ناهي: سينيٽر اعظم سواتي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 16 مئی 2018ء) سينيٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني اڳواڻ سينيٽر اعظم سواتي چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن جو ڪم ترقياتي ڪم ڪرائڻ ناهي پر قانون سازي ڪرڻ آهي، ڪرپشن ملڪ کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ ۽ ان حوالي سان منصوبابندي ڪرڻ لوڪل گورنمينٽ جو ڪم آهي، ترقياتي ڪم ان جي حوالي ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن جو ڪم ترقياتي منصوبا نه پر ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قانون سازي ڪرڻ آهي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ قدم کڻڻ آهن پر بدقسمتي سان اسان ائين نه ڪيو، هن چيو ته ڪرپشن ملڪ جي بنيادن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي.