ملڪ ۾ بجلي وڏي مقدار ۾ موجود آهي: شيخ آفتاب احمد

ملڪ ۾ بجلي وڏي مقدار ۾ موجود آهي: شيخ آفتاب احمد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 16 مئی 2018ء) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي وڏي مقدار ۾ موجود آهي، سسٽم ۾ 10 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ بجلي ۽ گئس جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون ويون آهن. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي شيخ صلاح الدين طرفان ڪٽوتي جي رٿن دوران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي هن چيو ته جڏهن موجوده حڪومت اقتدار ۾ آئي ته ملڪ ۾ 18، 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ هئي، صنعتون بند هيون، بجلي سان گڏوگڏ گئس جي لوڊشيڊنگ به ٿي رهي هئي، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت انهن مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون، سي پيڪ تحت توانائي جي منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويو، انهن قدمن سبب سسٽم ۾ 10 هزار ميگاواٽ بجلي جو اضافو ڪيو ويو، انهي طرح ايل اين جي جي درآمد سان صنعتن ۽ سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي فراهمي يقيني بڻائي وئي، هن چيو ته ڪيڊ واري وزارت تحت هلندڙ سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجز جي حالت ۾ بهتري آندي وئي آهي، فيس جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، اسڪولن ۽ ڪاليجن کي اضافي بسن جي فراهمي عمل ۾ آندي وئي، هن چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن جي حوالي سان اٿاريل نقطن ۾ ڪا به حقيقت نه آهي، پبلڪ سروس ڪميشن ۾ امتحان شيڊول جي مطابق ٿي رهيا آهن ۽ ڪوٽا سسٽم تي سئو سيڪڙو عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي معائنه ڪميشن هڪ خاص طريقيڪار تحت ڪم ڪندي آهي. وفاقي وزير ايوان کي ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ جي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت سنجيده ڪوششون ڪيون آهن. قومي اسيمبلي جي لاڳاپيل ڪميٽي جي ميمبرن کانسواءِ نيپرا جي ٽيم کي ڪراچي موڪليو ويو هو ان کانسواءِ وزيراعظم پاڻ به ڪراچي ويو هو.