ناڻي واري وزير پاران ڀاڻ تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ، سرڪاري ملازمن جي ڪنوينس الائونس ۽ صنعتن جي فروغ جي حوالي سان سينيٽ جون سفارشون منظور

ناڻي واري وزير پاران ڀاڻ تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ، سرڪاري ملازمن جي ڪنوينس الائونس ۽ صنعتن جي فروغ جي حوالي سان سينيٽ جون سفارشون منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 15 مئی 2018ء) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ڀاڻ تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ، سرڪاري ملازمن جي ڪنوينس الائونس ۽ صنعتن جي فروغ جي حوالي سان سينيٽ جي مجموعي طور تي 42 سفارشن جي مڪمل ۽ جزوي طور تي منظوري جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان جو مقصد ملڪ جو مالياتي استحڪام ۽ جمهوريت جو فروغ آهي، غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ ٽيڪس ۾ جيڪو رليف ڏنو ويو آهي ملڪي تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي، بجيٽ ۾ زرعي شعبي ۽ آبادگارن جي ڀلائي لاءِ به تاريخي قدم کنيا ويا آهن. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل بجيٽ 19 -2018ع تي بحث سهيڙيندي چيو ته بجيٽ تجويزن کي بهتر بنائڻ ۽ رهنمائي تي مخالف ڌر سميت سمورن ميمبرن جو ٿورائتو آهيان، هن ايوان جي چونڊيل ميمبرن کي مالياتي تجويزن تي راءِ ڏيڻ جو حق حاصل آهي، هن سنڌ جي وڏي وزير پاران ٽن مهينن جي بجيٽ پيش ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته هن ٽن مهينن جو بجيٽ ڇو پيش ڪئي ۽ ٽن مهينن کانپوءِ پگهارن ۾ اضافي جي حوالي سان ملازم ڇا ڪندا، هن چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير هڪ مهيني جو بجيٽ پيش ڪئي آهي اسان ان جا به ٿورائتا آهيون، هن چيو ته اسان جو مقصد ملڪ جي ڀلائي ۽ جمهوريت جو استحڪام آهي، هن چيو ته سينيٽ جي سفارشون اسان جي لاءِ بي حد قابل احترام آهن ، سينيٽ چيئرمين ۽ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ سميت سينيٽ جي سڀني ميمبرن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا جنهن پارٽي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري 157 سفارشون تيار ڪري اسان کي موڪليون. انهن سفارشن مان 108 جو تعلق پي ايس ڊي پي سان هو جنهن کي منصوبابندي ڪميشن ڏانهن موڪليو ويو آهي ۽ باقي 49 سفارشن مان 42 سفارشون مڪمل يا جزوي طور تي منظور ڪيون ويون آهن، حڪومت بجيٽ ۾ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ٽيڪس ۾ جيڪو رليف ڏنو آهي ان جي ملڪ جي 70 سال تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، پيٽرول، ڊيزل تي 30 ارب روپين جو ڪو اضافي ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، پيٽروليم ليوي جي مٿين حد ۾ اضافو قانوني گهرج هو، ملڪ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا فنڊز ٽيڻا ڪيا ويا آهن، جڏهن اسان آيا هئاسين ته بيت المال جو بجيٽ 2 ارب روپيا هو جيڪو هاڻي 6 ارب روپيا ٿي چڪو آهي ۽ آئنده مالي سال ۾ 10 ارب روپين تائين وڌايو ويندو، ملڪ ۾ بجلي جي صارفين کي سستي بجلي جي فراهمي لاءِ 150 ارب روپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، حڪومت جي بهتر پاليسين سبب ملڪي برآمدات تيزي سان وڌي رهي آهي، مارچ ۾ برآمدات 24 سيڪڙو ۽ اپريل ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، درآمدات ۾ مسلسل گهٽتائي آڻي رهيا آهيون، اپريل ۾ ملڪي برآمدات صرف ٻه سيڪڙو وڌي آهي، جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته ملڪ ۾ 18، 18 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ هئي، پنج سالن ۾ حڪومت 12230 ميگاواٽ بجلي جو اضافو ڪيو، گردشي قرضن جو سلسلو ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ۽ ايندڙ ٻن هفتن ۾ گردشي قرض وڌيڪ گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته اپوزيشن ملڪي قرضن جي حوالي سان جيڪا ڳالهه ڪئي آهي ته آئون وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته هي قرض بجلي جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ ۽ ملڪي انفراسٽرڪچر بهتر بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪيا ويا آهن، ناڻي واري وزير چيو ته روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي نئون برآمدي پيڪيج ڏئي رهيا آهيون، بجيٽ ۾ پهرين ئي 24 ارب روپيا ان پيڪيج جي لاءِ مختص ڪيا ويا آهن وڌيڪ ضرورت پئي ته سپليمينٽري گرانٽ مان وڌيڪ رقم فراهم ڪئي ويندي، آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ مراعتن جو اعلان ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ٽي خدمتن تي ڪيش ايوارڊ جاري ڪري رهي آهي، وفاقي گادي واري شهر ۾ آءِ ٽي تي سيلز ٽيڪس جي شرح 15 سيڪڙو کان گهٽ ڪري پنج سيڪڙو ڪئي پئي وڃي، صوبن کي به ان حوالي سان قدم کڻڻ جو چيو پيو وڃي، ملڪ ۾ زراعت جي شعبي کي ترقي ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻي رهيا آهيون، سمورن قسم جي ڀاڻ تي ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪري ٻه سيڪڙو ڪئي وئي آهي، ٻنين ۾ جپسم جي کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ برآمدات تي 20 سيڪڙو ڊيوٽي لاڳو ڪئي پئي وڃي ته جيئن ملڪي جپسم جي صنعت کي سگهه ملي، سرڪاري ملازمن جي لاءِ مراعتن جو اعلان ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته گريڊ هڪ کان گريڊ 16 تائين جي ملازمن لاءِ وڏي عرصي تائين ڪم ڪندڙ ملازمن کي ڪنوينس الائونس ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي، گهٽ آمدني وارن جي لاءِ 25 لک روپين تائين جي گهر تي ٽيڪس ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، نان فائلر تي 40 لک روپين تائين جي جائيداد جي حد کي وڌائي 50 لک ڪيو پيو وڃي، ماچيس ٺاهڻ جي صنعت جي لاءِ سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ جو اعلان ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪاورباري سرگرمين کي فروغ ملي.