قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ پاران ڪورم جي نشاندهي

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ پاران ڪورم جي نشاندهي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 15 مئی 2018ء) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ کي ڪورم جي نشاندهي تي مايوسي جو منهن ڏسڻو پيو. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جڏهن بجيٽ تي بحث سهيڙڻ لاءِ تقرير ڪري رهيو هو ته ان دوران پي ٽي آءِ جي ميمبر حامد الحق ڪورم جي نشاندهي ڪئي جڏهن ته ان دوران پي ٽي آءِ، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جا ميمبر واڪ آئوٽ تي هئا، اسپيڪر ڳڻپ جو حڪم ڏنو، ميمبرن جو گهربل تعداد پورو نڪرڻ تي ڪارروائي شروع ٿي ۽ مخالف ڌر کي مايوسي جو منهن ڏسڻو پيو تنهن هوندي به ڪجهه دير کانپوءِ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جا ميمبر ايوان ۾ واپس اچي ويا.