عام چونڊن جو وقت سر ٿيڻ ۽ شفاف انعقاد ضروري آهي، ملڪ صحيح رخ ۾ نه پيو وڃي: سينيٽرز

عام چونڊن جو وقت سر ٿيڻ ۽ شفاف انعقاد ضروري آهي، ملڪ صحيح رخ ۾ نه پيو وڃي: سينيٽرز

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 14 مئی 2018ء) سينيٽ ۾ حڪومت ۽ اتحادي سياسي پارٽين سان تعلق رکندر ميمبرن چيو آهي ته عام چونڊن جو وقت سر ٿيڻ ۽ شفاف انعقاد ضروري آهي، ملڪ صحيح رخ ۾ نه پيو وڃي، طاقت جي ڏڍ تي هڪ پارٽي مان ڪڍي ماڻهن کي ٻي پارٽي ۾ موڪليو پيو وڃي، ادارن ۾ ٽڪراءُ آهي، غير ريساتي عنصرن کي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي، سمورين سياسي پارٽين کي برابر جا موقعا ملڻ گهرجن. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر عثمان ڪاڪڙ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي بحث جي رٿ پيش ڪئي، رٿ تي بحث شروع ڪندي سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته ملڪ جي سياسي صورتحال تمام ڳنڀير آهي، چونڊن بابت خدشا آهن ته ٿينديون يا نه، سڀ اهو سوال ڪن ٿا، سياسي ۽ حڪومتي اختيار سياسي طور تي چونڊن حڪومتن کي ٺيڪ طريقي سان منتقل ناهن ٿيا، حڪومت جون خاميون پنهنجي جڳهه تي پر فيصلا پارليامينٽ کان ٻاهر ٿين ٿا، نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي، گهرو وزير کي عدالتون فيض آباد جي صورتحال تي حڪم ڏئي رهيون هيون، بعد ۾ کيس گولي هنئي وئي، قدرت جي مهرباني سان هو بچي ويو آهي. هن چيو ته سياسي ۽ جمهوري حقن تي پابنديون نه هجڻ گهرجن، پرامن جلسن کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو، مرڪزي حڪومت هڪ سال کان مفلوج آهي، حڪومت جي هر ڪم کي غلط چيو پيو وڃي. شيخ رشيد ايستائين چئي ڇڏيو جو جوڊيشل مارشل لا هجڻ گهرجي، ان جو ڪنهن نوٽيس ناهي ورتو. هن چيو ته هر پارٽي کي چونڊن ۾ برابر موقعا ملڻ گهرجن. چونڊن کان اڳ احتساب جي نالي تي ڪنهن پارٽي کي نه روڪيو وڃي، چونڊون صاف ۽ شفاف ۽ وقت سر ٿين، سڀني پارٽين کي ان حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي خلاف ماحول ٺاهيو پيو وڃي، هن ملڪ ۾ سڀ سياسي پارٽيون محب وطن آهن، آئين پائمال ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. سينيٽر سردار اعظم موسيٰ خيل چيو ته افسوس جو مقام آهي جو ان اهم معاملي تي ڳالهائڻ جي لاءِ ڪنهن مخالف ڌر جي ميمبر جي لائيٽ آن نه آهي، محسن عزيز جي لائيٽ آن هئي، بعد ۾ هن لائيٽ آف ڪري ڇڏي ته هو ان معاملي تي نه ڳالهائيندو. هن چيو ته ملڪ صحيح رخ ۾ نه پيو وڃي، طاقت جي زور تي نئين سياسي پارٽي ٺاهي پئي وڃي، ماڻهن کي هڪ پارٽي مان ڪڍي ٻي پارٽي ۾ موڪليو پيو وڃي، ملڪ ۾ 31 ايجنسيون آهن ۽ سلامتي جي صورتحال خراب آهي، ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ وارو ماحول آهي، احتساب جو هڪ ادارو هجڻ گهرجي جيڪو سڀني جو هڪ جهڙو احتساب ڪري، اسان کي سٺيون حالتون نظر نه پيون اچن، سينيٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم چيو ته ادارن جي ڪلهن تي تمام وڏي ذميواري آهي، عثمان ڪاڪڙ جي رٿ تمام اهم آهي، اسان کي ديانتداري سان ان تي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، داخلي سياست کي علائقائي ۽ عالمي حالتن کان جدا ڪري نه ٿو ڏسي سگهجي. هن چيو ته گورننس جي معاملن کي بهتر بڻائڻ گهرجي. اسان کي تقرير ۽ لکڻ جي آزادي حاصل آهي جنهن تي اسان کي شڪر ادا ڪرڻ گهرجي. سينيٽر جاويد عباسي چيو ته جمهوريت جي بحالي ۽ آئين جي لاءِ سياسي پارٽين ۽ عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، 1973ع جو آئين متفقه هو، جنهن ۾ سمورن ادارن جو ڪردار واضح ڪيو ويو هو، هر اداري کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي، ڪو ادارو ٻئي اداري جو ڪم ڪندو ته ان سان ٻڏتر وڌندي، سياسي پارٽين تي سدائين راتاهو هنيو ويو ۽ ٽوڙيو ويو آهي، عوام کي اهو حق هجڻ گهرجي ته جنهن پارٽي کي چاهي اقتدار ۾ آڻي، چونڊن ۾ فيصلو ٿيڻ گهرجي. سينيٽر طلحيٰ محمود چيو ته ملڪ ۾ اڄ تمام گهڻا مسئلا آهن، ڀارت سان جيڪا صورتحال آهي ان ۾ اڳوڻي وزيراعظم کي اهڙو بيان نه ڏيڻ گهرجي ها، چونڊون وقت سر ٿيڻ گهرجن ۽ عوام جن ماڻهن کي اقتدار ڏي، اقتدار انهن جي حوالي ٿيڻ گهرجي، اسان کي بيان ذميداري سان ڏيڻ گهرجن، اهڙا بيان نه ڏنا وڃن جيڪي ملڪي سلامتي جي لاءِ خطرناڪ هجن. سينيٽر غوث نيازي چيو ته ملڪ سياسي بي چيني جو شڪار آهي، اڳوڻي وزيراعظم کي عدالت ۾ گهليو پيو وڃي، روزانو سندس پيشي ٿئي ٿي، نيب چيئرمين جهڙو بيان ڏنو ان سان پاڪستان جو ٻاهرئين ملڪ ڪهڙو تاثر ويندو، اهڙين ڳالهين جو ردعمل ته ايندو، چونڊن کان اڳ ڌانڌلي جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي، مرضي جي حڪومت ٺاهڻ سان ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن نه ٿي سگهندو نه ئي مسئلا حل ٿيندا، چونڊو نوقت سر ۽ صاف شفاف ٿيڻ گهرجن. سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته نيلسن منڊيلا چيو هو ته ليڊر ايندڙ نسلن ۽ سياستدان ايندڙ چونڊن بابت سوچيندا آهن، جيتريون خدمتون اسان آمريڪا جي لاءِ پيش ڪيون آهن ايتريون شايد ئي ڪنهن ملڪ لاءِ پيش ڪيون هجن، اسان پنهنجي قومي مفادن کي نظرانداز ڪري آمريڪا جي مفادن جو تحفظ ڪيو، اسان کي پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي. سينيٽر جهانزيب جمالديني چيو ته اسان ٻين ملڪن جي ويڙهه وڙهي رهيا آهيون، اسان وٽ تعليم، صحت ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ بجيٽ نه آهي، اسان کي حقيقتن موجب ڳالهه ڪرڻ گهرجي، اسان هوش کان ڪم نه ورتو ته تباهي آڻيندڙ حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو. سينيٽر سڪندر مينڌرو چيو ته اڳُڻي صدر مشرف هروڀرو افغان جنگ ۾ پاڪستان کي ملوث ڪيو جنهن سان ملڪ ۾ دهشتگردي آئي، اڳوڻي وزيراعظم کي ممبئي حملن جي حوالي سان بيان تي اسان کي افسوس آهي. سينيٽر اعظم سواتي چيو ته ڪجهه هفتا اڳ نواز شريف چيو ته منهنجي سيني ۾ راز آهن جن کي آئون فاش ڪرڻ وڃي رهيو آهيان، ڇا سندس سيني ۾ اهي ئي راز آهن، وقتي چيئرمين اعظم سواتي کي روڪيندي چيو ته رٿ تي ڳالهه ڪريو، هڪ شخص جي ڳالهه نه ڪريو. سينيٽر محسن عزيز چيو ته ملڪ سان زيادتي ڪئي پئي وڃي. سينيٽر ثمينه عابد چيو ته ملڪ قربانين سان حاصل ٿيو آهي ان جي اسان کي قدر ڪرڻ گهرجي، اسان ڪلڀوشن تائين ان جي مائٽن کي پهچ ڏني، پاڪستان کي ڀارت پاران جاچ لاءِ ڪنهن به قسم پهچ ناهي ڏني وئي. سينيٽر اي رحمان ملڪ چيو ته ڀارت اسان جو دشمن آهي ۽ رهندو، اسان کي مسئلي جو حل ڪڍڻو آهي، هن چيو ته مون چيو هو ته ممبئي حملن ۾ غير ريساتي عنصر ملوث آهن، پاڪستان جي رياست نه آهي، اجمل قصاب ڀارت جي تحويل ۾ هو، ان سان فهيم انصاري ۽ صبيح الدين نالي ٻه ماڻهو ڀارتي هئا، اجمل قصاب کان جاچ ڪرڻ ضروري هئي، دنيا ڏٺو ته ڀارتي آفيسر جنهن ممبئي حملن جي حوالي سان عدالت ۾ بيان ڏنو ان کي قتل ڪيو ويو، ممبئي حملو تمام وڏي سازش هئي جنهن جو مقصد ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي بربريت تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ هو. گڏيل قومن ۾ اسان کي نشانو بڻايو ويو، ايوان جي ٻنهي طرفن جي ماڻهن کي گڏجي ان صورتحال جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي رياست ممبئي حملن ۾ ملوث نه آهي. سينيٽر ستاره اياز چيو ته سياست ضرور ڪريو پر ادارن کي هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ جي صورتحال مان نڪرڻ گهرجي، سرحدن تي ڇڪتاڻ آهي، وزيرستان ۾ سياسي مزاحمت هلي رهي آهي جنهن جو حل ڪڍڻ گهرجي. سينيٽر چوڌري محمد سرور چيو ته دهشتگردي ۾ گهٽتائي جو ڪريڊٽ سيڪيورٽي ادارن، سياسي پارٽين ۽ صوبائي حڪومتن سميت سڀني ڏانهن وڃي ٿو، ڀارت سان ڪشمير تي اسان جو تڪرار آهي، ڪشميرين دنيا کان مايوس ٿي پاڻ مزاحمت شروع ڪئي. سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته ڀارت اڄ تائين پاڪستان کي تسليم ناهي ڪيو، ڪو ماءُ جو لال پاڪستان کي نقصان نه ٿو پهچائي سگهي، اسان قومي معاملن ۾ وحدت اختيار ڪري مشڪلاتن ۽ سازشن جو مقابلو ڪري سگهون ٿا پر بدقسمتي سان قومي معاملن تي اتفاق ۽ اتحاد نه آهي. سينيٽر نعمان وزير چيو ته سڄي دنيا جون ڳجهيون ايجنسيون غير رياستي عنصرن ذريعي ڪم ڪن ٿيون پر ان جو اعتراف نه ٿو ڪيو وڃي. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته راجا ظفرالحق جي رپورٽ منظرعام تي آندي وڃي. سينيٽر محمد اڪرم چيو ته اسان جا پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا نه آهن، اسان ٻين جي تڪرارن ۾ پئون ٿا ته ان جا اثر اسان تي پون ٿا.