پيپلزپارٽي پاران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي بيان جي حوالي سان التوا واري رٿ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع

پيپلزپارٽي پاران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي بيان جي حوالي سان التوا واري رٿ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 14 مئی 2018ء) پاڪستان پيپلزپارٽي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي بيان جي حوالي سان التوا واري رٿ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن پيپلزپارٽي جي ميمبر سيد نويد قمر، شازيه مري، نواب يوسف ٽالپر، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ٻين پاران جمع ڪرايل التوا واري رٿ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ممبئي ڌماڪن جي حوالي سان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي بيان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي روڪي بحث هيٺ آندو وڃي.