قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 24اپریل 2018ء) قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين قيصر احمد شيخ ڪالهه سومر ڏينهن اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايمنسٽي اسڪيم جي سندس پاران مخالفت ڪرڻ جي خبرن جي ترديد ڪندي انهن کي بي بنياد ۽ من گهڙت قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اها اسڪيم پاڪستان جي ڪاروباري طبقي ۽ صنعت سان گڏوگڏ عام ماڻهن جي لاءِ پڻ فائديمند آهي، آئون ان اسڪيم جي حق ۾ آهيان ۽ هر چينل تي ان جي حق ۾ ڳالهه ڪري چڪو آهيان، اجلاس جي خبر غلط شايع ڪئي وئي. ڪالهه اڱاري ڏينهن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گذريل ڏينهن ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ايمنسٽي اسڪيم بابت آرڊيننس غور هيٺ آيو، اسان جا ميمبر هليا ويا ته مخالف ڌر جي ميمبرن چيو ته اسان ان جي خلاف آهيون، اهو انهن جو حق آهي، اسان ان اسڪيم جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا، اجلاس ۾ به ان جي ڀرپور حمايت ڪئي جڏهن ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڪجهه اخبارن ۾ صحيح رپورٽنگ نه ڪئي وئي، اسڪيم جي مخالفت جي خبر بلڪل صحيح نه اهي، اها ايمنسٽي اسڪيم اسان جي ملڪ ۽ صنعت سان گڏوگڏ عام ماڻهو جي لاءِ فائديمند آهي. هن چيو ته ان ۾ ماهوار هڪ لک آمدني واري کي ٽيڪس ڇوٽ مليل آهي، ٻاهر کان سرمايو آڻڻ سان صنعت کي هٿي ملندي جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهندا. هن چيو ته گذريل ڏينهن جي اجلاس جي رڪارڊنگ موجود آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي شهرت کي ان خبر سان نقصان پهتو آهي، اها هڪ سٺي اسڪيم آهي ان کي ايوان ۾ پڻ آڻڻ گهرجي. هن چيو ته مون گذريل ٻن هفتن کان هر چينل تي ان اسڪيم جي حق ۾ ڳالهه ڪئي آهي، منهنجي مٿان ڪو دٻاءُ نه آهي. بجيٽ جي حوالي سان منهنجي راءِ آهي ته اها 4 کان 6 مهينن جي لاءِ هجڻ گهرجي، ايمنسٽي اسڪيم کي ايوان ۾ بحث هيٺ آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن سٺو ڪم حڪومتي مدي جي آخري ڏينهن ۾ به ٿئي ته ان جو عوام کي فائدو آهي ته اهو بهتر آهي، ايمنسٽي اسڪيم اسان جي اميدن کان وڌيڪ سٺي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها اسڪيم ٻن سالن کان غور هيٺ هئي، ان اسڪيم کي اڳ ۾ اچڻ گهرجي ها، ان اسڪيم سان هر شخص کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته اسان وٽ ڪا بليڪ مني نه آهي، منهنجا سمورا اثاثا ظاهر ڪيل آهن، ان اسڪيم جي مخالفت ڪندڙ پارٽيون پنهنجو ووٽ بئنڪ خراب ڪري رهيون آهن، اسان انهن کي سمجهايون ٿا ته اها توهان ۽ ملڪ جي فائدي جي اسڪيم آهي، ان بابت غلط فهمي پکيڙي پئي وڃي ته بليڪ مني جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، ڪراچي ۾ 12 ڪروڙ جي زمين 10 لک ۾ ظاهر ڪري وڪرو ٿئي ٿي، هاڻي ڪير به ڪرپشن جي دولت لڪائي نه سگهندو.