گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاران پهرين پاڻي پاليسي منظور

گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاران پهرين پاڻي پاليسي منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 24اپریل 2018ء) گڏيل مفادن واري ڪائونسل پهرين پاڻي پاليسي ۽ پاڪستان واٽر چارٽر جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 37 هون اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي پاڻي پاليسي تي غور ڪيو ويو. پهرين پاڻي پاليسي ۽ پاڪستان واٽر چارٽر تي صحيحن جي لاءِ وزيراعظم آفيس ۾ خصوصي تقريب ٿي. وزيراعظم ۽ چئن وڏن وزيرن پڌرنامي تي صحيحون ڪيون جيڪو متفقه طور تي منظور ڪيو ويو. ان موقعي تي پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين سرتاج عزيز ۽ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد جاويد علي شاهه جا ٿورا مڃيا ويا.