پاڪستان سوئيٽ هومز ۾ ”پاڪستان ڊي پريڊ“ جو انعقاد

پاڪستان سوئيٽ هومز ۾ ”پاڪستان ڊي پريڊ“ جو انعقاد

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 23مارچ2018ء) پاڪستان ڏهاڙي جي حوالي سان جمعي 23 مارچ 2018ع تي پاڪستان سوئيٽ هومز ۾ ”پاڪستان ڊي پريڊ“ جو انعقاد ڪيو ويو. ان موقعي تي پي ايس ايڇ جي معصوم ٻارن شاندار پريڊ جو مظاهرو ڪيو. تقريب جي خاص مهمان اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب هئي جڏهن ته مذهبي معاملن وارو وزير سردار محمد يوسف به تقريب ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پي ايس ايڇ جي سرپرست اعليٰ زمرد خان (هلال امتياز) چيو ته بي سهارا ٻارن کي تعليم ۽ تربيت ۽ رهائش جي ذميداري جو خصوصي مشن منهنجي زندگي جو مقصد آهي ۽ ان حوالي سان جيڪو به سوچندو آهيان اهو الله جي مدد سان پاڻمرادو ٿي ويندو آهي ۽ وسيلو پيدا ٿي ويندو آهي، هن اداري کي عطيا ڏيندڙ ماڻهن ۽ ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته سوئيٽ هومز ۾ سياسي وابستگي جو ڪو به بنياد نه آهي ۽ ان خير جي ڪم ۾ ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن، هن ان موقعي تي فلورل آرٽ سوسائيٽي طرفان اتر وزيرستان جي سوئيٽ هومز لاءِ گاڏي جو عطئي کي ساراهيو ۽ چيو ته اهو به وقت ايندو جڏهن 23 مارچ تي يوم پاڪستان جي پريڊ ۾ پاڪستان سوئيٽ هومز جا بطور جنرل، پريڊ ڪمانڊر ۽ ڪپتان شريڪ ٿيندا.