سڄي ملڪ ۾ 78 هون پاڪستان جو ڏهاڙو انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

سڄي ملڪ ۾ 78 هون پاڪستان جو ڏهاڙو انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 23مارچ2018ء) سڄي ملڪ ۾ 78 هون پاڪستان جو ڏهاڙو انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ڏينهن جو آغاز فجر جي نماز کان پوءِ ملڪي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو. وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. سمورين اهم سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب منعقد ٿي ۽ پاڪ فضائيه جي چاڪ چوبند دستي گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا، يوم پاڪستان جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو هو، صدر ممنون حسين، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي يوم پاڪستان جي مناسبت سان خصوصي پيغام جاري ڪيا، جڏهن ته قومي اخبارن 23 مارچ جي حوالي سان خصوص ايڊيشن شايع ڪيا ۽ ريڊيو، ٽي وي تي خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويا. وفاقي گادي واري شهر ۾ يوم پاڪستان جي مناسبت سان شڪرپڙيان جي هنڌ تي هٿياربند فوج جي گڏيل پريڊ جو شاندار انعقاد ٿيو. ان موقعي تي شهرين جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هو، عوام جي وڏي تعداد شاهراهن تي گڏ ٿي يوم پاڪستان جي خصوصي پريڊ ڏٺي ۽ پاڪ فضائيه جي جنگي ۽ وڙهاڪ جهازن جي شاندار فضائي مظاهرن سان لطف اندوز ٿيا. صدر ممنون حسين يوم پاڪستان جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته اڄوڪو ڏينهن ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جي عزم کي ورجائيندي آزادي جي تحريڪ جي عظيم قائد کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، يوم پاڪستان جي موقعي تي قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي مزارن تي گارڊز جي تبديلي جي تقريبن جو انعقاد ڪيو ويو۔