وزيراعظم سان پاڪ فضائيه جي سربراهه جي ملاقات

وزيراعظم سان پاڪ فضائيه جي سربراهه جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 20مارچ2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ فضائيه بابت پيشيوراڻي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان کي نيون ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته پي اي ايف سندس پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ قيادت مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندي. ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪندي کيس يقين ڏياريو ته هو ملڪ جي فضائي سرحدن جي تحفظ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجي بهترين صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندو۔