قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران اياز سومرو جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران  اياز سومرو جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 20مارچ2018ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي پيپلزپارٽي جي ميمبر محمد اياز سومرو جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي ڌار ڌار تعزيتي پيغامن ۾ ٻنهي اڳواڻن مرحوم محمد اياز سومرو جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اياز سومرو قومي اسيمبلي ميمبر طور پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، سندس خدمتن کي سدائين لاءِ ياد رکيو ويندو، ٻنهي اڳواڻن مرحوم لاءِ مغفرت ۽ پوئينرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.