صدر ۽ وزيراعظم پاران چين جي صدر ۽ وزيراعظم کي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪون

صدر ۽ وزيراعظم پاران چين جي صدر ۽ وزيراعظم کي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 19مارچ2018ء) صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ کي عوامي جمهوريه چين جو ٻيهر صدر ۽ وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. صدر ۽ وزيراعظم گذريل پنجن سالن ۾ چين جي مثالي ترقي تي چين جي سياسي قيادت جي بصيرت کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي عملي معاونت تي چيني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو ۽ سي پيڪ کي صدر شي جن پنگ جي ون روڊ ون بيلٽ قدم جو فليگ شپ منصوبو قرار ڏنو، صدر ۽ وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي فائدي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.