پاڪستان پوسٽ آفيس جي نجڪاري جو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو: قومي اسيمبلي کي آگاهي

پاڪستان پوسٽ آفيس جي نجڪاري جو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15مارچ2018ء) حڪومت پاران قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان پوسٽ آفيس جي نجڪاري جو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو، صرف اداري ۾ 2015ع جي سڌارتي ايجنڊا تي عملدرآمد جي طور تي ڊاڪ موڪلڻ جي ترسيل، پهچ ۽ اداري جي انفرااسٽرڪچر کي بهتر بنائڻ جي لاءِ پرائيويٽ پبلڪ پارٽنرشپ تحت پروگرام جي حوالي سان آڇ گهري وئي آهي، خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڊاڪٽر عارف علوي جي وڏي سرڪاري اثاثي جي جلد بازي ۾ نجڪاري ڪرڻ لاءِ نجي ۽ سرڪاري حصيداري جي لاءِ ڏنل اشتهارن بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي پارلياماني سيڪريٽري راجا جاويد اخلاص چيو ته پاڪستان پوسٽ جهڙو اهم قومي مواصلاتي اداري جي نجڪاري غور هيٺ نه آهي 2015ع ۾ پاڪستان پوسٽ آفيس جي انتظاميه حڪومت کي سڌارتي ايجنڊا ڏني جنهن تحت صرف ٽن مدن، موبائيل، مني آرڊر، پارسل لاجسٽڪ ۽ انفرااسٽرڪچر وغيره شامل آهن انهن جي نجڪاري جو ڪو به پيروگرام نه آهي، ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي داڪٽر عارف علوي، منزه حسن، لالچند مالهي ۽ ساجده بيگم جي سوالن جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري راجا جاويد اخلاص چيو ته ٽپال وارو ادارو پرائيويٽ پارٽنرشپ 7 ارب روپين جو روينيو پورو ڪري وڌيڪ روينيو تي ڪئي ويندي، اهو ادارو ساليانو 7 کان 10 ارب روپيا خساري جو شڪار آهي، اثاثا ادارن جي ملڪيت رهندا ان معاملي کي شفاف انداز ۾ مڪمل ڪيو وڃي، هن جي نجڪاري جو ڪو به پروگرام نه آهي، هن چيوته ٽپال واري اداري جي بهتر پهچ ۽ انفرااسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي سڌاراتي پروگرام تي ڪم ڪري رهيا آهيون، جيتوڻيڪ ميمبرن حڪومتي جواب تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته ان ڌيان ڇڪايو نوٽيس کي لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر ڌيان ڇڪايو نوٽيس اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو.