سينيٽرن پاران سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حمايت

سينيٽرن پاران سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حمايت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 05 مارچ2018ء) سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ قانون ٺاهڻ ۽ شفاف نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير محمد بشير ورڪ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ نظام جوڙڻ جي سلسلي ۾ اپريل تائين جو وقت ڏنو آهي، ان نظام جي حوالي سان ڪيترائي مسئلا ۽ خدشا درپيش آهن، جنهن جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر اعظم سواتي رٿ پيش ڪئي ته هي ايوان حڪومت پاران سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ڏس ۾ هينئر تائين کنيل قدمن کي بحث هيٺ آڻي، پنهنجي رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر اعظم سواتي چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي، اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان ڪم ڪري، تاج حيدر چيو ته اسان جي چونڊن ۾ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني راءِ نٿا ڏئي سگهن انهن کي حق ملڻ گهرجي، نادرا وٽ لسٽون تيار آهن، انهن کي حق ڏنو وڃي، سينيٽر ڪرنل (ر) طاهر حسين مشهدي به سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حمايت ڪئي، سينيٽر لفيٽننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم چيو ته سمنڊ پار 8 کان 9 ملين پاڪستاني آهن، جن کي انهن جو حق ڏيڻ جي ضرورت آهي، پوسٽل ووٽنگ جي حق لاءِ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، جن ۾ ووٽرن جي رجسٽريشن ووٽ وٺڻ جو طريقيڪار ۽ ڳڻپ جو شفاف نظام شامل آهي، ان سلسلي ۾ شفاف نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي، سينيٽر صالح شاهه به سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏيڻ جي حمايت ڪئي. سينيٽر سحر ڪامران چيو ته ووٽنگ جو نظام شفاف بڻايو وڃي ته جيئن سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجو حق استعمال ڪري سگهن، سينيٽر ايم حمزه چيو ته سڀ ميمبر ان رٿ جي حمايت ڪن، سينيٽر اورنگزيب چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي انهن جو حق ملڻ گهرجي، سينيٽر بئريسٽر سيف چيو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان جي شهريت نٿا رکي سگهن ان مسئلي جي قانوني رخن کي به ڏٺو وڃي، سينيٽر اعظم موسيٰ خيل چيو ته ووٽ سمنڊ پار پاڪستانين جو بنيادي حق آهي، رٿ تي بحث سهيڙيندي قانون ۽ انصاف واري وزير محمود بشير ورڪ چيو ته هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان ميمبرن جن خيالن جو اظهار ڪيو اهي تعريف جي قابل آهن، پر اصل معاملو ان ڪم جي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جو آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي اهو حق ڪهڙي طرح ڏنو وڃي ان تي غور جي ضرورت آهي. اهڙو ملڪ جتي ڌرڻا لڳندا آهن ۽ مسئلا پيدا ٿيندا آهن اتي اهو ڪم آسان نه آهي ۽ ڪيترائي طرح جا خدشا آهن، هر تڪ کان اميدوارن کي اليڪٽرانڪ ووٽ ڏيڻ وارن جي به جيڪڏهن هڪ تعداد هوندي ته ڌانڌلي جنهن جي حوالي سان پهرين به سوال اٿاريا ويندا آهن ان حوالي سان اڃان سوال اٿاريا ويندا، ان کي ڏسڻو پوندو، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي اپريل تائين جو وقت ڏنو آهي ته هو ان حوالي سان نظام جوڙي، ان ڳالهه تي به غور ڪيو وڃي ته اليڪٽرونڪ ووٽنگ ميشنن لاءِ ڪيترو بجيٽ گهربل هوندو ۽ ڪهڙي طرح اڪوائر ڪئي ويندي. ڪٿي سڀاڻي اهو الزام نه هنيو وڃي ته ان ۾ به پئسو کاڌو ويو آهي، سسٽم هيڪ هئڻ جو به خدشو هوندو آهي پوءِ ٻاهرين ملڪ به پارٽين جون شاخون ٺهنديون ۽ پوءِ ڀلا ڪيترن پارٽيون ائين ڪري سگهنديون، اسان کي معاملن ۾ الجهڻ بدران ان کي حل ڪرڻ گهرجي، پوسٽل بيلٽ به موڪلي سگهجي ٿو، ان ۾ به اشو آهن.