عورت ووٽرن جي رجسٽريشن لاءِ قدم کنيا وڃن، ان سلسلي ۾ قومي مهم هلائڻ گهرجي: سينيٽرز

عورت ووٽرن جي رجسٽريشن لاءِ قدم کنيا وڃن، ان سلسلي ۾ قومي مهم هلائڻ گهرجي: سينيٽرز

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 05 مارچ2018ء) سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن چيو ته عورت ووٽرن جي رجسٽريشن لاءِ قدم کنيا وڃن، ان سلسلي ۾ قومي مهم هلائڻ گهرجي، سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز رٿ پيش ڪئي ته هي ايوان ملڪ ۾ عورتن جي وڌندڙ تعداد کي قومي شناختي ڪارڊن کي جاري نه ڪرڻ جيڪي انهن جي نالي راءِ وٺندڙن جي فهرستن ۾ شامل نه ڪرڻ جو باعث بڻجي رهيا آهن، ۽ ان معاملي کي جلد کان جلد بحث هيٺ آندو وڃي، رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته ووٽرن جو ٽرن آئوٽ به تمام گهٽ ٿيندو آهي، عورتون شناختي ڪارڊ نه ٺهرائڻ سبب ووٽ جي حق کان محروم رهنديون آهن، نادرا نون ووٽن ۽ شناختي ڪارڊن جي رجسٽريشن ڪري، سينيٽر سحر ڪامران چيو ته 12 ملين عورت ووٽر نه آهن، انهن کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي، سينيٽر جهانزيب جمالديني چيو ته عورت ووٽرن جي شرڪت چونڊن ۾ تمام گهڻي ضروري آهي ان سلسلي ۾ آگاهي جي ضرورت آهي، بلوچستان ۾ صرف 42 سيڪڙو ماڻهو رجسٽرڊ آهن، ميڊيا ۽ سياسي پارٽين کي به ان سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سينيٽر سردار اعظم موسيٰ خيل الزام لڳايو ته بلوچستان ۾ نادرا وارا رشوت وٺندا آهن، اسان کي موبائيل وينز ناهن ڏنيون وينديون. مرد عملي جي سامهون اسان جي صوبي جون عورتون ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ ناهن وينديون، سينيٽر حافظ حمد الله چيو ته اهو اهم معاملو آهي اسان جي صوبي ۾ ماڻهو رات جو نادرا آفيسن جي سامهون سمهندا آهن ته جيئن صبح جو ڪارڊ ٺهرائي سگهن، ڊگهي قطارن ۾ لڳي ڪري عورتون ڪيئن ڪارڊ ٺهرائي سگهن ٿيون، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ اهو مسئلو موجود آهي. ڪارڊ بلاڪ هئڻ جو مسئلو عام آهي، ان مسئلي جي حل لاءِ موثر ۽ قابل عمل قدم کنيا وڃن. سينيٽر عائشه رضا فاروق چيو ته ان معاملي کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جتي غير رجسٽرڊ عورتن جو تعداد گهٽ آهي اتان کان نادرا ڪم جو آغاز ڪري، گهڻيون عورتون اهڙيون آهن جن جا ووٽ ناهن ٺهيا، انهن جا ووٽ رجسٽرڊ ڪرايا وڃن ته جيئن هو پنهنجو حق استعمال ڪري سگهن، سينيٽر شيري رحمان چيو ته عورتن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ سڀ متفق آهن ان سلسلي ۾ قومي مهم هلائي وڃي.