راجا محمد ظفر الحق جي صدارت ۾ سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جو اجلاس

راجا محمد ظفر الحق جي صدارت ۾ سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 05 مارچ2018ء) سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ ان جي اتحادي پارٽين جو گڏيل اجلاس قائد ايوان راجا محمد ظفر الحق جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، مسلم ليگ (ن) جمعيت علماءُ اسلام (ف)، نيشنل پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي ۽ فاٽا جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ موجوده الوداعي اجلاس سميت سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن جي حڪمت عملي تي غور ڪيو، راجا محمد ظفر الحق چيو ته اسان پنهنجي اتحادين کي گڏ وٺي اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن ۾ به اسان سڀني کي گڏ رهڻ گهرجي، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته ان حوالي سان فيصلو اسان جي پارٽي ڪندي.