سينيٽ ۾ نصرت ڪالوني حيدرآباد ۾ لوڊشيڊنگ سبب چار ماڻهن جي مارجڻ بابت معاملو تفصيلي غور جي لاءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي

سينيٽ ۾ نصرت ڪالوني حيدرآباد ۾ لوڊشيڊنگ سبب چار ماڻهن جي مارجڻ بابت معاملو تفصيلي غور جي لاءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08ستمبر 2016ء) سينيٽ ۾ نصرت ڪالوني حيدرآباد ۾ لوڊشيڊنگ سبب چار ماڻهن جي مارجڻ بابت معاملو تفصيلي غور جي لاءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر مختار عاجز ڌامراهه جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي ايوان کي ٻڌايو ته نصرت ڪالوني حيدراباد جي 11 ڪي وي جي فيڊر مان 6 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي وئي وڃي، لوڊشيڊنگ سبب علائقي ۾ ڪنهن به احتجاج جي اطلاع ناهي ملي. هن چيو ته بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب 4 ماڻهو مارجڻ جي ڪا اطلاع ناهي ملي، هن چيو ته ان جي باوجود ان معاملي تي جيڪڏهن ڪميٽي قائم ڪئي وڃي ٿي ته کيس ڪو اعتراض نه آهي، بعد ۾ صدارت ڪندڙ معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.