سبي ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي ۾ ناجائز قبضا ختم ڪيا ويا آهن: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

سبي ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي ۾ ناجائز قبضا ختم ڪيا ويا آهن: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08ستمبر 2016ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته سبي ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي ۾ ناجائز قبضا ختم ڪيا ويا آهن، ڪنهن به قانوني آبادي کي نقصان ناهي پهچايو ويو. ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر مير ڪبير احمد شاهي جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ هن چيو ته جن ماڻهن ناجائز قبضا ڪيا هئا انهن کي ختم ڪيو ويو آهي، انهن ناجائز قبضن سببن ريلوي ڪالوني جي ماڻهن کي مشڪلاتون هيون ان جي لاءِ انهن کي ختم ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به ڪنهن به قانوني آبادي کي ڪو نقصان ناهي پهچايو ويو.