محمد نواز شريف ووٽ جي تقدس ۽ عدل جي بحالي جي تحريڪ جو جيڪو واعدو ڪيو آهي انهي تحريڪ جي فتح جي پهرين نويد لوڌران چونڊن سان آئي آهي، پاڪستان جي عوام محمد نواز شريف سان گڏ بيٺل آهي ۽ نااهليت ڪهڙي طرح اهليت ۾ تبديل ٿي رهي آهي اهو پورو پاڪستان ڏسي رهيو آهي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

محمد نواز شريف ووٽ جي تقدس ۽ عدل جي بحالي جي تحريڪ جو جيڪو واعدو ڪيو آهي انهي تحريڪ جي فتح جي پهرين نويد لوڌران چونڊن سان آئي آهي، پاڪستان جي عوام محمد نواز شريف سان گڏ بيٺل آهي ۽ نااهليت ڪهڙي طرح اهليت ۾ تبديل ٿي رهي آهي اهو پورو پاڪستان ڏسي رهيو آهي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13 فروری2018ء) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف ووٽ جي تقدس ۽ عدل جي بحالي جي تحريڪ جو جيڪو واعدو ڪيو آهي انهي تحريڪ جي فتح جي پهرين نويد لوڌران چونڊن سان آئي آهي، پاڪستان جي عوام محمد نواز شريف سان گڏ بيٺل آهي ۽ نااهليت ڪهڙي طرح اهليت ۾ تبديل ٿي رهي آهي اهو پورو پاڪستان ڏسي رهيو آهي، لوڌران ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي سندس واعدا پورا ٿيڻ جي ڪري ٿي آهي جيڪي واعدا 2013ع ۾ محمد نواز شريف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاڪستان جي عوام سان ڪيا هئا، هي ڪاميابي انهي جو نتيجو آهي، الله جي فضل ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي محنت سان 2018ع جي عام چونڊن جو پهريون چنڊ لوڌران مان نڪتو آهي، اهو سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان جي عوام ڪنهن کي ووٽ ڏيندي، سي پيڪ آڻيندڙ کي يا ڪنٽينر سجائيندڙ کي، دهشتگردي ختم ڪرڻ واري کي يا پارليامينٽ تي حملو ڪرڻ واري کي، پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائي اقتصادي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ ۽ ملڪ مان اونداهين جو خاتمو ڪرڻ واري کي يا ايم او يو سان بجلي پيدا ڪرڻ واري کي ووٽ ڏيندي، اهو فرق پاڪستان جي عوام سمجهي چڪي آهي، انهي لاءِ لوڌران ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي ڪاميابي ملي. ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته لوڌران جي رهواسين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي. هن پاڪستان مسلم ليگ (ن) تي اعتماد ڪري اهو پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان جي عوام انتشاري، فسادي ۽ ڪوڙي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ووٽ رڳو ڪارڪردگي جي بنياد تي ملندو. لوڌران ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي انهن واعدن جي مڪمل ٿيڻ جي ڪري ٿي آهي جيڪي واعدا 2013ع ۾ محمد نواز شريف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاڪستان جي عوام سان ڪيا هئا، اها ڪاميابي انهي جو نتيجو آهي. پاڪستان جي عوام اهو ڄاڻي چڪي آهي ته محمد نواز شريف ووٽ جي تقدس ۽ عدل جي بحالي جي تحريڪ جو جيڪو واعدو ڪيو آهي اهو واعدو به محمد نواز شريف پورو ڪندو ۽ انهي تحريڪ جي فتح جي پهرين نويد لوڌران جي چونڊن سان آئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته ماڻهن مسلم ليگ (ن) کي ان جي لاءِ ووٽ ڏنو جو هن مسلم ليگ (ن) جا جيترا دور ڏٺا ۽ محمد نواز شريف جڏهن جڏهن وزيراعظم رهيو هن پاڪستان جي عوام کي ڪجهه ڪري ڏيکاريو. هن جيڪي واعدا ڪيا الله جي فضل ۽ ڪرم سان اهي پورا ٿيا، پي ٽي آءِ چيو هو ته هو خيبرپختونخواهه ۾ ايم او يو سان بجلي ٺاهي رهيا آهن، هنن 2013ع ۾ چيو هو ته هو خيبرپختونخواهه ۾ ايتري بجلي ٺاهيندا جو پوري ملڪ کي ڏيندا، اڄ پورو پاڪستان ڏسي رهيو آهي ته سندن حصي جي بجلي به پنجاب جي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ٺاهي. پاڪستان جي عوام اهي شيون ڏسي رهي آهي ته چونڊيل وزيراعظم کي گهر موڪليو وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح پاڪستان جي عوام جي ووٽ جي تقدس کي پائمال ڪيو وڃي ٿو. انهي لاءِ محمد نواز شريف هاڻي اهو جهنڊو کنيو آهي ته اڳتي پاڪستان ۾ جنهن کي عوام ووٽ ڏيندي اهو ئي وزيراعظم بڻجندو ۽ پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته پيشين تي پيشيون ٿي رهيون آهن ۽ ضمني ريفرنس تي ضمني ريفرنس اچي رهيا آهن پر ملي ڪجهه به نه رهيو آهي. جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ڏنل شاهدن جا ثبوت ڳوليا پيا وڃن. مملڪتي وزير چيو ته خوشخبري اها آهي ته ٻئي طرف پاڪستان جي عوام به پنهنجو فيصلو ٻڌائي رهي آهي جنهن سان نااهليت اهليت ۾ تبديل ٿي رهي آهي. نظر اچي رهيو آهي ته پاڪستان جي عوام هاڻي ان کي ووٽ ڏيندي جنهن ملڪ ۾ سي پيڪ آندو، جنهن دهشتگردي ختم ڪئي، جنهن ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائي اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو، ان کي ووٽ نه ڏيندي جنهن ڪنٽينر سجايو جنهن ايم او يو سان بجلي ٺاهي، جنهن پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملو ڪيو، جنهن ماڻهن کي گاريون ڏنيون، جنهن ساڍا چار سال ۾ هڪ به منصوبو پاڪستان جي عوام ۽ خاص طور تي خيبرپختونخواهه جي لاءِ نه ٺاهيو، انهن کي ووٽ ڏيندي جن سندس حصي جو به ڪم ڪيو ۽ لوڌران ۾ ماڻهن پنهنجو اهو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.