سينيٽ جو اجلاس اڄ ٽپهر 3 وڳي تائين ملتوي

سينيٽ جو اجلاس اڄ ٽپهر 3 وڳي تائين ملتوي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13 فروری2018ء) سينيٽ جو اجلاس اڄ اربع ڏينهن ٽپهر 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ناليواري قانوندان عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ تعزيتي ريفرنس منعقد ڪيو ويو. سينيٽر ڪرنل (ر) طاهر حسين مشهدي اجلاس جي صدارت ڪئي. بعد ۾ اجلاس اڄ اربع ڏينهن ٽپهر 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.