هلندڙ سال بجيٽ ۾ زرعي قرض جاري ڪرڻ جي لاءِ 1001 ارب رپيا رکيا ويا هئا: قومي اسيمبلي کي آگاهي

هلندڙ سال بجيٽ ۾ زرعي قرض جاري ڪرڻ جي لاءِ 1001 ارب رپيا رکيا ويا هئا: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13 فروری2018ء) ناڻي واري وزارت پاران قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال بجيٽ ۾ زرعي قرض جاري ڪرڻ جي لاءِ 1001 ارب رپيا رکيا ويا هئا، زرعي قرضن جي لاءِ فنڊنگ جو ڪو مسئلو نه آهي، بئنڪ قرض انهن آبادگارن کي جاري ڪن ٿيون جن پاران ريڪوري بهتر ٿئي ٿي، بئنڪ ۽ آبادگار جي وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، زرعي ترقياتي بئنڪ جي مالي حالت ايتري خراب آهي جو اسٽيٽ بئنڪ کان 44 ارب رپين جو قرض ورتو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سيد نويد قمر جي پنجاب ۽ ملڪ جي باقي حصن جي وچ ۾ قرضن جا فارم ورهائڻ ۾ اڻ برابري جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي ناڻي واري مملڪتي وزير رانا محمد افضل خان چيو ته قرضن بابت هر صوبي ۾ پوکيءَ لائق زمين کي نظر ۾ رکي فارمولو جوڙيو ويو، پنجاب ۾ پوکيءَ هيٺ زمين 77 سيڪڙو، سنڌ ۾ 12 سيڪڙو، ڪي پي ڪي ۾ 5 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 6 سيڪڙو آهي ان لحاظ سان پنجاب کي 72500 ملين، سنڌ کي 14092 ملين، ڪي پي ڪي کي 7300 ملين ۽ بلوچستان 6600 ملين رپين جو زرعي قرض فراهم ڪيو ويو. هن چيو ته پنجاب ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ جون 253 برانچون آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 93، ڪي پي ڪي ۾ 62 ۽ بلوچستان ۾ 31 برانچون آهن. سنڌ جون 77 سيڪڙو، بلوچستان جون 100 سيڪڙو، ڪي پي ڪي جون 51 سيڪڙو برانچون نقصان ۾ وڃي رهيون آهن. پنجاب ۾ ريڪوري بهتر آهي. ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي سيد نويد قمر، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالستار بچاڻي ۽ ڊاڪٽر عذرا فضل جي سوالن جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته اسان ڪنهن کي چور نه ٿا چئون، جن علائقن مان ريڪوري بهتر ٿئي ٿي بئنڪ قرض انهن کي ئي ڏي ٿي. هلندڙ سال اسان بئنڪن کي 1001 ارب رپين جو ٽارگيٽ ڏنو، قرض جاري ڪرڻ ۾ ٽنهي ننڍن صوبن جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۾ گروٿ جي شرح گهٽ آهي، فنڊنگ جو ڪو مسئلو نه آهي، فنڊز ته پورا استعمال ئي نه ٿا ٿين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ زرعي قرض جاري ڪرڻ ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ جو حصو 30 سيڪڙو آهي، باقي ٻيون ڪمرشل بئنڪون ڪن ٿيون. هن چيو ته زرعي قرضن جي لاءِ دستياب رقم به اڃا تائين ناهي ڪئي وئي، ان لاءِ فنڊن جي کوٽ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. هن چيو ته زرعي شعبو صوبن وٽ آهي، صوبن کي گهرجي ته اهي سبسڊي ڏين، زرعي ترقياتي بئنڪ جي حالت اها ٿي وئي آهي جو هن اسٽيٽ بئنڪ کان 44 ارب قرض ورتو آهي، جنهن تي هو وياج ادا ڪري رهي آهي، جن ماڻهن کان ريڪوري نه ٿي ٿئي بئنڪ انهن کي وڌيڪ قرض نه ٿي ڏي. سيد خورشيد شاهه چيو ته زرعي قرضن تي وياج جي شرح تمام وڌيڪ آهي، غريب آبادگار اهو ادا نه ٿو ڪري سگهي. ان تي ناڻي واري مملڪتي وزير رانا محمد افضل خان چيو ته بئنڪن کي ٽيڪسن جي ڪري وياج جي شرح گهٽ ڪرڻ ۾ مشڪلات ٿي رهي آهي، تنهن هوندي به حڪومت ان معاملي تي بئنڪن سان ڳالهائي رهي آهي. سيد خورشيد شاهه ۽ حاجي غلام احمد بلور تجويز ڏني ته زرعي قرضن تي وياج جي شرح ۽ ان کي جاري ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا بئنڪن جي سربراهن کي طلب ڪري انهن سان ڳالهيون ڪري. ناڻي واري مملڪتي وزير رانا محمد افضل خان چيو ته جهڙي طرح پنجاب زرعي قرضن تي 100 ارب رپين جي سبسڊي ڏني آهي، ٻين صوبن کي به ان جي پوئيواري ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته هن چيو ته هر صوبي کي گهرجي ته اهو پنهنجي زرعي بئنڪ قائم ڪري.