قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پيٽروليم ڊويزن ۽ ڪيڊ واري وزارت جي لاڳاپيل آفيسرن جي ايوان جي گيلري ۾ غيرموجودگي جو سخت نوٽيس

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پيٽروليم ڊويزن ۽ ڪيڊ واري وزارت جي لاڳاپيل آفيسرن جي ايوان جي گيلري ۾ غيرموجودگي جو سخت نوٽيس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 12 فروری2018ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پيٽروليم ڊويزن ۽ ڪيڊ واري وزارت جي لاڳاپيل آفيسرن جي ايوان جي گيلري ۾ غيرموجودگي جو سخت نوٽيس وٺندي پڇاڻي جي لاءِ پيٽرليم ڊويزن واري سيڪريٽري ۽ ڪيڊ واري سيڪريٽري کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ صاحبزاده محمد يعقوب جي مالاڪنڊ ۽ دير ۾ گئس ميٽر هڻڻ ۽ ورهائڻ ۾ مبينا بي ضابطگين جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ۽ سي ڊي اي جي حوالي سان آرڊيننس تي ڪارروائي جاري هئي ته اسپيڪر پيٽروليم واري پارلياماني سيڪريٽري کان پڇيو ته سندس وزارت مان مهمانن واري گيلري ۾ ڪير موجود آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت ڪير به موجود نه آهي جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وڏي بدقسمتي جي ڳالهه آهي جو پيٽروليم ڊويزن جا آفيسر پارليامينٽ کي سنجيده نه وٺي رهيا آهن جڏهن ته اهي پارليامينٽ آڏو جوابده آهن. هن حڪم ڏنو ته هن ئي وقت پيٽروليم واري سيڪريٽري کي طلب ڪري مهمانن جي گيلري ۾ بيهاريو وڃي ته جيئن انهن کي احساس ٿئي ته اهي پارليامينٽ آڏو جوابده آهن. اهڙي طرح ڪيڊ واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري کان به پڇيو ته ڪيڊ پاران ڪير موجود آهي ته هن به چيو ته هن وقت ڪيڊ جو ڪو آفيسر موجود نه آهي ان تي اسپيڪر سخت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيڊ واري سيڪريٽري کي به طلب ڪيو وڃي. اٽڪل هڪ ڪلاڪ کانپوءِ پيٽروليم ڊويزن وارو سيڪريٽري ۽ ڪيڊ وارو ايڊيشنل سيڪريٽري مهمانن جي گيلري ۾ آيا ته اسپيڪر ٻنهي سان جدا جدا مخاطب ٿيندي چيو ته اهي اڱاري جي صبح ساڍي 11 وڳي اجلاس دوران ايوان ۾ ايندا ۽ اجلاس ختم ٿيڻ تائين هتي ئي موجود هوندا اهڙي طرح ٽي ڏينهن لاڳيتو ائين ئي ڪندا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ اچي باقاعده پنهنجي حاضر لڳرائيندا ۽ نه رڳو صحيحون ڪندا پر آڱوٺو به هڻندا. ان کان اڳ ان حوالي سان اسپيڪر ۽ ميمبرن جي وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه جاري رهي جڏهن ته اسپيڪر لاڳاپيل آفيسرن جي گيلري ۾ غيرموجودگي تي وزيرن جي ڳالهه نه مڃي ۽ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اسپيڪر چيو ته هڪ ڪلاڪ ٿي ويو آهي، توانائي وارو سيڪريٽري ناهي آيو، سيڪريٽري جي اجازت کانسواءِ اسان نه ٿا وڃي سگهون، پيٽروليم واري پارلياماني سيڪريٽري چيو ته سيڪريٽري اچي رهيو آهي، اسپيڪر چيو ته هو کوهه تي ويو آهي، سندس دماغ ۽ دل پٿر جا ٺهيل آهن. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته اڄ گهڻو ٿي ويو آهي انهن کي سڀاڻي گهرائي وٺو. اسپيڪر چيو ته وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽري انهن کي معطل نه ٿا ڪري سگهن. اعجاز جکراڻي چيو ته انهن کي معطل ڪرڻ جي سفارش ڪريو. اسپيڪر چيو ته ان جو ڪو فائدو نه آهي، ان دوران پيٽروليم واري وزارت جو هڪ آفيسر ايوان ۾ آيو ته اسپيڪر سندس ڇنڊ پٽي ته هو ڊنر تي آيو آهي جو پاڻي جي بوتل کڻي آيو آهي، اها توهان نه ٿا آڻي سگهو. شيخ آفتاب احمد چيو ته اڄ ڪافي آهي، انهن کي سڀاڻي گهرائي وٺو ۽ اڄ ملتوي ڪري ڇڏيو۔