قومي اسيمبلي ۾ سي ڊي اي آرڊيننس 2018ع پيش

قومي اسيمبلي ۾ سي ڊي اي آرڊيننس 2018ع پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 12 فروری2018ء) قومي اسيمبلي ۾ سي ڊي اي آرڊيننس 2018ع پيش ڪيو ويو جڏهن ته ڪيڊ واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جو چوڻ هو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سي ڊي اي جو چيئرمين هڪ چونڊيل شخص مقرر ڪيو آهي، ان حوالي سان تنقيد ڪندڙن کي گهرجي ته اهي پنهنجي پنهنجي صوبن ۽ شهرن ۾ اها روايت قائم ڪن. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سي ڊي اي آرڊيننس 2018ع قومي اسيمبلي آڏو رکيو جنهن تي سيد نويد قمر چيو ته هن آرڊيننس سان ڪو به چونڊيل شخص سي ڊي اي جو چيئرمين نه ٿو لڳي سگهي ۽ بيوروڪريسي ئي اهو ڪري سگهي ٿي. اهو سڀ ڪم پارليامينٽ کي بي اختيار بڻائڻ جي لاءِ آهي. اڄ ڇو هر جڳهه تي عدالتون پاڻمرادو نوٽيس وٺي رهيون آهن، ان ڪم سان پاڻ پنهنجا هٿ ڪٽيا پيا وڃن. اسپيڪر چيو ته سول سرونٽ هتي اچڻ پسند نه ٿا ڪن ۽ هي سمورا اختيار انهن کي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، حڪومت ان کي واپس وٺي، هي ميمبر ڪنهن به سول سرونٽ کان وڌيڪ بااختيار آهن. شفقت محمود چيو ته اڳ ۾ سول سرونٽ هوندا هئا، هاڻي نه ٿا اچن. اسپيڪر چيو ته اها وزير جي ڪمزوري آهي، شفقت محمود چيو ته ٻڌايو وڃي ته سي ڊي اي جهڙي گندي کاتي ۾ ڪيترن ملازمن کي سزا ڏني وئي. اسپيڪر چيو ته پارلياماني سيڪريٽري پيٽروليم واري سيڪريٽري کي وٺڻ وئي آهي ان جي خبر وٺو ڪٿي کيس اغوا نه ڪيو ويو هجي، ان جي حوالي سان ايف آءِ آر داخل ڪرايو. صاحبزاده طارق الله چيو ته پارليامينٽ جي موجودگي ۾ آرڊيننس صحيح عمل نه آهي، چونڊيل ماڻهن جي موجودگي ۾ ڪيئن سول سرونٽ کي اختيار ڏنا پيا وڃن، اها عوام سان زيادتي آهي، اسان هن آرڊيننس سان اتفاق نه ٿا ڪريون. محمود خان اچڪزئي چيو ته اسپيڪر هڪ رولنگ ڏي ته سڀاڻي کان جن جن وزارتن يا کاتن جي سوالن جا پابند هجن لاڳاپيل سيڪريٽري نه هجڻ تي عملي کي هتان ٻاهر ڪڍيو وڃي ۽ سيڪريٽري جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بيوروڪريٽ جي بدلين کانپوءِ انهن جا ڪيس اسان وٽ اچن ٿا. اسپيڪر چيو ته ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ناهن آيا لڳي ٿو ته ڊي ايس پي کي موڪلڻو پوندو. اهي انهن کي وٺي اچن برسات ۾ ڪٿي اهي پگهري نه وڃن. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته انهن جي غيرحاضري جو ڪو جواز نه آهي، ميمبرن هن بل جي مواد تي ڳالهه ناهي ڪئي، 80 سيڪڙو ڳالهين جو هن مواد سان تعلق ئي نه آهي، 1960ع کان اڄ تائين هتي ڪو چونڊيل شخص سي ڊي اي جو چيئرمين نه بڻيو، اهو (ن) ليگ جو ڪريڊٽ آهي جو چونڊيل شخص 2016ع ۾ چيئرمين بڻيو. بدنام زمانه صفا گولڊ مال جي تعمير پيپلزپارٽي جي دور ۾ ٿي، 5 سال ڊيفيڪٽو چيئرمين يا آفيس ڪٿي ٻئي هنڌ هئي ۽ فيصلا ڪٿي ٻئي هنڌ ٿيندا هئا. ڪي ڊي اي ۾ اڳ ۾ پيپلزپارٽي چونڊيل نمائندو چيئرمين لڳايو، پي ٽي آءِ اڳ ۾ پشاور ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ چيئرمين چونڊيل نمائندو لڳايو، تنقيد براءِ تنقيد کان پاسو ڪيو وڃي، اسلام آباد ۾ چونڊيل ماڻهو موجود آهن، سي ڊي اي 60 سيڪڙو اختيار ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي ڏنا ويا آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا حڪم هئا ته هڪ طئي ٿيل معيار جي اندر چيئرمين سي ڊي اي مقرر ڪيو وڃي. ان کي ئي نظر ۾ رکندي هي آرڊيننس آندو ويو، اسلام آباد دنيا جو خوبصورت ترين شهر آهي ان جو بهرحال ڪريڊٽ سي ڊي اي جو آهي، 2015ع ۾ ڏيڍ سال تائين پلاٽن جي الاٽمينٽ بند رهي، موجوده چيئرمين جي دور ۾ ڪجهه عرصي لاءِ اها کولي وئي ۽ هاڻي ٻيهر بند آهيَ