سينيٽ جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت اسٽينڊنگ جو اجلاس

سينيٽ جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت اسٽينڊنگ جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ29جنوری2018ء) سينيٽ جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ذيلي ڪميٽي جي صحافين جي تحفظ جي بل جي مسودي تي سير حاصل بحث کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ڏانهن موڪلي ڇڏيو. ڪميٽي هدايت ڏني ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت 7 ڏينهن ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان راءِ خاص طور تي نيشنل جرنلسٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي جي حوالي سان نامزدگيون ڪري ڪميٽي کي رپورٽ پيش ڪري، ڪميٽي ٽي وي چئنلز تي غير ملڪي ڊرامن، فلمن ۽ مواد ۾ اضافي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي پيمرا کي هدايت ڪئي ته غير ملڪي مواد جي نشريات فوري طور تي بند ڪئي وڃي، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان مان اي پي پي جي ملازمن جي ڊوميسائيل جي تصديق ڪئي وئي آهي، ڪو به ملازم جعلي ڊوميسائيل رکندڙ نه آهي، پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي ورلڊ) جي بندش جي ڪا به تجويز غور هيٺ نه آهي، ڪميٽي شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني جي معاهدي جو گذريل 9 سالن کان اوپن ٽينڊر نه ڪرڻ تي اطلاعات واري وزارت کان جواب گهري ورتو آهي، ڪميٽي تجويز ڪيو ته سمورن ميڊيا هائوسز پنهنجي اشتهارن جي مد ۾ آمدني جو پنج سيڪڙو صحافين ۽ ورڪرن جي ڀلائي لاءِ مختص ڪن، سومر ڏينهن سينيٽ جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪامل علي آغا جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، ڪميٽي ميمبرن فرحت الله بابر، سسئي پليجو، غوث محمد خان، اطلاعات ۽ نشريات واري ايڊيشنل سيڪريٽري شفقت جليل، اي پي پي جي ايم ڊي مسعود ملڪ، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر اي پي پي سهيل علي خان، ڊائريڪٽر نيوز نعيم چوڌري، پيمرا جي ڊي جي، شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني جي نمائندي سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سينيٽر محمد اعظم خان جي اعتراض واري نقطي تي اي پي پي جي ايم ڊي مسعود ملڪ ڪميٽي کي ٻڌايو ته اي پي پي ڪوئيٽا بيورو ۾ ڪو به ملازم جعلي ڊوميسائيل رکندڙ نه آهي، هن وقت بلوچستان ڪوٽا تحت 26 ملازم خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، 25 ملازمن جي ڊوميسائيلن جي تصديق جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ هڪ پراسيس ۾ آهي، ڪو به جعلي ڊوميسائيل ثابت ناهي ٿيو، هن ٻڌايو ته مون پاڻ اي پي پي ڪوئيٽا بيورو جو دورو ڪيو، ملازمن جا مسئلا ٻڌا ۽ اوزارن جي خريداري جي هدايت به لاڳاپيل شعبي کي ڏئي ڇڏي آهي، ذيلي ڪميٽي جي ڪنوينر فرحت الله بابر صحافين جي تحفظ جي مسودي ۾ ميڊيا ورڪرز کي شامل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا جي مستقل ملازمن سان گڏوگڏ ڪنٽريڪٽ، ڊيلي ويجز ملازمن ۽ سرڪاري ميڊيا جا صحافي ۽ ميڊيا ورڪرز به شامل هوندا، ان مسودي ۾ ڪميٽي تجويز ڏني ته هڪ نيشنل جرنلسٽ ڪائونسل جوڙي وڃي جنهن جو سربراهه اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير يا مملڪتي وزير هجي، پرائيويٽ ميمبرن ۾ صحافي تنظيم، 10، 10 سال جو تجربو رکندڙ جرنلسٽ سيفٽي جا ماهر، سول سوسائيٽي (نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس کان نامزده ڪيل) ۽ سرڪاري ميمبرن ۾ اطلاعات ۽ نشريات جو سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، پيمرا چيئرمين ۽ پي آءِ او شامل هجن، مسودي ۾ صحافين جي اسپيشل پبلڪ پراسڪيوٽر مقرر ڪرڻ ۽ حڪومت طرفان صحافين جي لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جي لاءِ 200 ملين جي شروعاتي رقم فراهم ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي، هن ٻڌايو ته ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين ۽ صحافين جي عالمي ايوارڊ يافته اداري جي نمائندن کي به گهرايو هو، فرحت الله بابر چيو ته صحافين جي تحفظ جي ذميداري حڪومت تي فرض آهي، صحافين جي تحفظ لاءِ فنڊز حڪومت طرفان به مهيا ڪرڻ گهرجن، ڪميٽي جي چيئرمين ڪامل علي آغا چيو ته ميڊيا هائوسز به پنهنجي ملازمن جي تحفظ جا ذميدار بڻجڻ، صحافين جي تحفظ جي حوالي سان فنڊن جي فراهمي ۾ ميڊيا هائوسز به پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ڪميٽي صحافين جي تحفظ لاءِ ميڊيا هائوسز کي پنهنجي روينيو مان 5 سيڪڙو فنڊ مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني، ڪميٽي چيئرمين ڪامل علي آغا صحافين جي تحفظ جو مسودو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي موڪلي ڇڏيو ۽ 7 ڏينهن ۾ راءِ گهري ورتي، ڪميٽي جي چيئرمين شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني جي سي بي اي يونين جي عهديدارن سميت ملازمن جي برطرفي ۽ ڪارروائي جو نوٽيس وٺندي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي هدايت ڪئي ته جڏهن ڪنهن به اداري جا ملازم سينيٽ يا قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ڪنهن به معاملي ۾ رجوع ڪن ته انهن جي خلاف ڪنهن قسم جي ادارتي ڪارروائي نه ڪئي وڃي. ايڊيشنل سيڪريٽري شفقت جليل ڪميٽي کي ٻڌايو ته ريڊيو پاڪستان جي سمورن ملازمن کي نومبر تائين پگهارون ادا ڪيون ويون آهن ۽ پينشن بابت ڪيسز به فيبروري ۾ حل ڪيا ويندا، ڪميٽي ريڊيو پاڪستان لاهور اسٽيشن ۾ هڪ ئي آفسير کي نوازڻ جو نوٽيس ورتو ۽ هدايت ڪئي ته سمورا تفصيل ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيا۔