سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ29جنوری2018ء) سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر محمد عثمان خان ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ فنڊز ۽ ٻاهرين امداد جا عطيا غربت جي تناسب سان ورهايا وڃن نه وري آبادي جي بنياد تي، پوئتي پيل ضلعن ۾ غربت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، پيئڻ جو صاف پاڻي، تعليم ۽ صحت جي سهولتون نه هجڻ جي برابر آهن، ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سينيٽر محمد عثمان خان ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو، سينيٽ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ويم دوران مائرن جي موت جي شرح هڪ لک مان 178 آهي، عملدارن ٻڌايو ته بلوچستان جي حالت صوماليه ۽ سوڊان کان به بدتر آهي، بلوچستان ۾ ويم دوران موت جي شرح هڪ لک مان 758 آهي جيڪا سڄي ملڪ ۾ موت جي شرح کان چار ڀيرا وڌيڪ ۽ فاٽا ۾ ٽي ڀيرا وڌيڪ آهي، وڌيڪ ٻڌايو ويو ته غربت جو تناسب بلوچستان ۾ 71 سيڪڙو ۽ فاٽا ۾ 73 سيڪڙو آهي، سي اي ايو پي پي اي ايف ٻڌايو ته 1960ع کان ڊيره بگٽي مان گئس نڪري رهي آهي پر ڊير بگٽي تعلقي ۾ گئس جي سهولت نه آهي، سنڌ جي ضلعن ٺٽي ۽ بدين مان به گئس نڪري رهي آهي پر ٻنهي ضلعن جي حالت خراب آهي، ڪميٽي چيئرمين چيو ته غربت جي تناسب سان گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ قرض ڏنا وڃن، بجيٽ مان فنڊز نٿا رکي سگهجن ته زڪوات ۽ خيرات جا فنڊز ۽ عطيا ۽ امدادي فنڊ پوئتي پيل علائقن تائين پهچائي سگهجن ٿا، سينيٽر نثار محمد چيو ته غربت جي خاتمي واري پاليسي موجود ناهي، غربت جي خاتمي جي نالي تي غريبن جي لاءِ مختص فنڊز آفيسن ۽ سرڪاري بابن لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن، وزيراعظم جي بنا وياج وارا قرض بلوچستان، خيبرپختونخوا جي دهشتگردي کان متاثر ۽ غربت جي علائقن ۾ ترجيحي بنيادن تي ڏنا وڃن، محروم طبقن لاءِ ميڪنزم جوڙيو وڃي، غربت جي خاتمي لاءِ وفاقي وزارت ضروري آهي، سينيٽر مير ڪبير چيو ته بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ عورتون پنج ڪلوميٽر پري جبلن مان پاڻي آڻينديون آهن، ٿوري خرچ سان پائيپ لائين وڇائي سگهجي ٿي، بلوچستان جي ضلعن ۾ ماڻهو تمام گهڻي خراب زندگي گذاري رهيا آهن، ڪميٽي چيئرمين چيو ته گهرو وزارت بلوچستان ۽ فاٽا جي باري ۾ خوف پکڙڻ جي پاليسي کي ختم ڪري ڪميٽي ميمبرن بلوچستان ۾ پاڻي جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، سينيٽر جهانزيب جمالديني چيو ته ڪوئيٽا ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، بلوچستان تباهي جي ڪناري تائين پهچي چڪو آهي، اجلاس ۾ سينيٽر سردار محمد اعظم خان موسيٰ خيل، نثار محمد مالاڪنڊ، تنوير الحق ٿانوي، جهانزيب جمالديني، خالده پروين، گيانچند کانسواءِ گهرو وزارت، صنعت ۽ پيداوار ۽ دفاع جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.