جمهوريه انڊونيشيا جي صدر جوڪو ودودو 17 هون غير ملڪي سربراهه آهي جنهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو

جمهوريه انڊونيشيا جي صدر جوڪو ودودو 17 هون غير ملڪي سربراهه آهي جنهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ26جنوری2018ء) جمهوريه انڊونيشيا جي صدر جوڪو ودودو 17 هون غير ملڪي سربراهه آهي جنهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، ان کان پهرين جن غير ملڪي شخصيتن پاڪستان جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس يا پاڪستان جي آئيني اسيمبلي کي خطاب ڪيو انهن ۾ شهنشاهه ايران محمد رضا پهلوي، فلپائن جو صدر ديوداس ميڪا پڪل، انڊونيشيا جو صدر ڊاڪٽر احمد سائيڪارنو، سريلنڪا جي وزيراعظم بندرانائيڪي، ترڪي جو صدر ڪينان ايورن، فلسطين جو صدر ياسر عرفات، فرانس جو صدر فرانس مترا، اسپيڪر مجلس شوريٰ آف ايران حجته السلام مهدي ڪروبي، ايران جو صدر علي اڪبر هاشمي رفسنجاني، مجلس شوريٰ اسلامي ايران حجته اسلام و المسلمين جو اسپيڪر علي اڪبر ناطي نوري چين جو صدر جيانگ زيمن، ملڪه برطانيه الزبٿ ٻي، ترڪ وزيراعظم رجب طيب اردوان، چين جو وزيراعظم وين جيابائو، چين جو وزيراعظم لي ڪي جيانگ ۽ چين جو صدر شي جن پنگ شامل آهن، ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان جي پارليامينٽ کي ٽي ڀير خطاب ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي ۽ جمهوريه انڊونيشيا جي صدر جوڪو ودودو ٻيو انڊونيشين صدر آهي جنهن پاڪستان جي پارليامينٽ کي خطاب ڪيو آهي، ان کان اڳ انڊونيشيا جي صدر ڊاڪٽر احمد سائيڪارنو 20 جون 1963ع ۾ پاڪستان جي قومي اسيمبلي کي خطاب ڪيو هو.