فوجي طاقت جي استعمال ۽ هٿيارن جي ڊوڙ سان تڪرارن جو حل ممڪن ناهي، جمهوريت اسان جي ماڻهن جي مفادن ۽ مسئلن جو بهترين تحفظ آهي، جمهوريت فيصلا سازي ۾ به اهم ڪردار رکندڙ آهي: انڊونيشيا جي صدر جوڪو ودودو جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي مخاطب

فوجي طاقت جي استعمال ۽ هٿيارن جي ڊوڙ سان تڪرارن جو حل ممڪن ناهي، جمهوريت اسان جي ماڻهن جي مفادن ۽ مسئلن جو بهترين تحفظ آهي، جمهوريت فيصلا سازي ۾ به اهم ڪردار رکندڙ آهي: انڊونيشيا جي صدر جوڪو ودودو جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي مخاطب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ26جنوری2018ء) انڊونيشيا جي صدر جوڪو ودودو چيو آهي ته فوجي طاقت جي استعمال ۽ هٿيارن جي ڊوڙ سان تڪرارن جو حل ممڪن ناهي، جمهوريت اسان جي ماڻهن جي مفادن ۽ مسئلن جو بهترين تحفظ آهي، جمهوريت فيصلا سازي ۾ به اهم ڪردار رکندڙ آهي، جمهوريت جي ڪري ئي انڊونيشيا ۾ معاشي واڌ ويجهه جي شرح پنج سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ مستحڪم آهي، فلسطين جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت جاري رکنداسين، انڊونيشيا آزادي جي جدوجهد ۾ پاڪستان جي ڪردار کي وساري نٿو سگهي، دنيا جي هر فورم تي قيام امن لاءِ اسان سدائين ڳالهين جي حمايت ڪئي آهي، اسان مان هر هڪ کي دنيا ۾ خوشحالي، امن ۽ انساني قدرن جي سربلندي ۽ انصاف لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي مخاطب ٿيڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، 1963ع ۾ انڊونيشيا جي پهرين صدر ڊاڪٽر احمد سوئيڪارنو هن پارليامينٽ کي پهريون ڀيرو خطاب ڪيو هو ۽ اڄ 55 سالن کانپوءِ جمهوريه انڊونيشيا جي صدر کي ٻيهر اهو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي ته هو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪري رهيو آهي، انڊونيشيا جي صدر ڊاڪٽر سوئيڪارنو ظلمت جي نظام جي خلاف جدوجهد ڪئي ۽ اسان جي ملڪ کي آزادي ڏياري. جمعي ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي دوستي نئين نئين قائم ناهي ٿي پر اسان پاڪستان جو ان لاءِ به قدر ڪندا آهيون ته پاڪستان اسان جي آزادي جي تحريڪ ۾ ڪردار ادا ڪيو، 17 آگسٽ 1995ع تي انڊونيشيا جي سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان جي باباءِ قوم قائد اعظم کي انڊونيشيا جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت تي انڊونيشيا جو سڀ کان وڏو سول ايوارڊ ڏنو ويو، هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ڪيترائي قدر گڏيل آهن، ٻئي ملڪ ڊي ايٽ جا ميمبر ملڪ آهن، او آءِ سي جا ميمبر، ايشيا، آفريقا ڪانفرنس جا ميمبر آهن، عالمي پارليماني يونين جا ميمبر آهن، هن چيو ته انڊونيشيا ايشيا آفريقا ڪانفرنس جي شروعات ڪندڙ ملڪ آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته ٻئي جمهوري ملڪ آهن ۽ ٻئي فلسطين جي آزادي جي حمايت ڪن ٿا، هن چيو ته آئون توهان کي دعوت ڏيان ٿو ته هڪ دفعو ٻيهر فلسطينن جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت جو ورجاءُ ڪريون، انڊونيشيا جي صدر چيو ته اسان فلسطين جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي آزادي جي جدوجهد جي مڪمل حمايت جاري رکنداسين، هن چيو ته انڊونيشيا دنيا جي آبادي جي اعتبار کان سڀ کان وڏو اسلامي ملڪ آهي، ان جي آبادي 28 ڪروڙ 70 لک آهي جنهن ۾ 86 سيڪڙو مسلمان جڏهن ته پاڪستان جي طرح مسلمانن جا گهر هجڻ سان گڏوگڏ ٻين مذهبن جا ماڻهو به هتي آباد آهن، هن چيو ته انڊونيشيا هڪ تڪسير پسند ۽ وسيع النظر معاشرو آهي، تڪسيريت پسندي، 1040 قوميتن ۽ سوين جزيرن جي باوجود اسان هڪ انڊونيشيا جي پنهنجي وحدت قائم رکي آهي، انڊونيشيا جي ماڻهن جي اڪثريت سمجهندي آهي ته آبادي جي واڌاري کي سنڀالڻ آسان نه آهي تنهن هوندي به هي صرف جمهوري انداز ۾ ممڪن آهي، هن چيو ته اسان کي جنهن شيءَ جي ضرورت آهي اها گڏيل اعتماد جو عزم آهي ته جيئن جمهوريت مستحڪم ٿي سگهي، هن چيوته صدر طور مون کي يقين آهي ته جمهوريت اسان جي ماڻهن جي مفادن ۽ مسئلن جو بهترين تحفظ آهي، جمهوريت فيصلاسازي ۾ به اهم ڪردار رکندڙ آهي، جمهوريت سان ئي انڊونيشيا جي معاشي واڌ ويجهه جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ مستحڪم آهي، جمهوريت جي ڪري ئي انڊونيشيا دنيا جي 20 اڀرندڙ معيشتن مان هڪ آهي، انڊونيشيا جي صدر چيو ته ان ڳالهه جي توهان کي خاطري ڪرايان ٿو ته انڊونيشيا جا سمورا ماڻهو ان حقيقت کان آگاهه آهن ته منصفاڻي ترقي اسان جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته سياسي استحڪام ۽ سلامتي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن امن ۽ سلامتي هجي، تڪرار ۽ جنگين سان انساني قدرن کانسواءِ ڪنهن کي ڪو فائدو نه ٿيندو، ڪنهن کي ڪجهه حاصل نه ٿيندو، جنگين ۽ تڪرارن ۾ عورتون ۽ ٻار وڌيڪ نشانو بڻجندا آهن، اعليٰ قدرن کي ختم ڪيو ويندو آهي ۽ اهو انسانيت جي لاءِ نقصانڪار آهي، انهي لاءِ انڊونيشيا جي خطي ۾ امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جو سڀ کان وڏو داعي آهي، اسان جو ملڪ عالمي امن جو حقيقي حصيدار آهي، اسان سدائين بدامني وارن ملڪن ۾ انسانيت جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو ته عالمي امن برقرار رکڻ جي لاءِ انڊونيشيا ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، آسيان سان گڏجي خطي ۾ ترقي ۽ امن جي لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو آهي، انڊونيشيا عالم اسلام سميت پوري دنيا ۾ ڪنهن جڳهه به بدامني نٿو چاهي، اسان انسانيت جي خاطر امن چاهيون ٿا، هٿيار ۽ عسڪريت پسندي سان ڪڏهن دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي، هن چيو ته انڊوپيسفڪ ۾ انڊونيشيا جو ڪردار اهم آهي، عالمي سطح تي پاڪستان جي طرح انڊونيشيا به امن فوج فراهم ڪرڻ لاءِ وڏو ملڪ آهي، هن چيو ته ملڪن جي وچ ۾ اختلاف، تڪرارن جو حل، سلامتي جو قيام، منشيات ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حقيقي شراڪتداري جو مظبوط ارادو آهي، هن چيو ته هن وقت دنيا ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو دور آهي، دهشتگردي کان ڪو به ملڪ محفوظ نه آهي، انڊونيشيا سميت سمورن ملڪن کي دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته تڪرارن ۽ جنگين جو سڀ کان وڏو نشانو دنيا ۾ 76 سيڪڙو مسلمان ملڪ بڻجي رهيا آهن، هٿياربند تڪرارن جو جو 7 سيڪڙو نشانو مسلمان بڻجي رهيا آهن، لکين ڀيڻون ۽ ڀائر بهتر زندگي جي ڳولا ۾ لڏپلاڻ ڪرڻ مجبور ٿيا، 76 سيڪڙو هجرت ڪندڙن جو تعلق مسلمان ملڪن سان آهي، لکين نوجوان پنهنجي مستقبل مان مايوس ٿي ڪري پنهنجي علائقن مان لڏڻ تي مجبور آهن، ان ڳڻتي جوڳي صورتحال جون ذميدار اسان جون اندروني ڪمزوريون به آهن، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪن ۽ دنيا ۾ تڪرارن کي وڌڻ ويجهڻ ناهي ڏيڻو، انسانيت جو احترام انسانن جي لاءِ اسان جي زندگي ۾ رهنما اصول هجڻ گهرجي، هن چيو ته تاريخ اسان کي سيکاري ٿي ته فوجي طاقت ۽ هٿيار امن برقرار رکڻ ۾ ناڪافي ثابت ٿيا آهن، هٿيارن جي ڊوڙ جاري رهندي ته تڪرار جاري رهندا، انڊونيشيا کي آچي تڪرار 30 سالن تائين درپيش رهيو تنهن هوندي به فوجي طاقت سان ان جو حل نه نڪري سگهيو ۽ آخر ڪار ڳالهين ذريعي ان جو حل ڪڍيو، ان لاءِ ڳالهين جي عادت کي فروغ ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته آسيان ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ استحڪام جو مرڪز آهي، اسان کي اميد آهي ته هر هڪ عالمي امن ۽ خوشحالي ۾ انصاف جي نالي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، هن چيو ته اسان کي مسئلن جو حصو بڻجڻ بدران مسئلن جي حل جو حصو بڻجڻ گهرجي ۽ انسانيت جي نالي تي گڏجي ڪم کي يقيني بڻائڻ گهرجي، اسان مان هر هڪ کي دنيا ۾ خوشحالي، امن ۽ انساني قدرن جي سربلندي ۽ انصاف جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.