1965ع جي جنگ دوران اسان جي بهادر فوج دشمن کي ڏينهن ۾ تارا ڏيکاري ڇڏيا هئا: سينيٽرز

1965ع جي جنگ دوران اسان جي بهادر فوج دشمن کي ڏينهن ۾ تارا ڏيکاري ڇڏيا هئا: سينيٽرز

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06ستمبر 2016ء) سينيٽ ۾ 1965ع جي جنگ ۾ حصو وٺندڙ ٻن سينيٽرن ڳالهائيندي چيو آهي ته 1965ع جي جنگ دوران اسان جي بهادر فوج دشمن کي ڏينهن ۾ تارا ڏيکاري ڇڏيا هئا ۽ ان کي تاريخي شڪست ڏني جڏهن ته قوم ان جنگ دوران بي مثال جذبي ۽ جرئت ۽ بهادري ۽ اتحاد ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪيو. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران پاڪستان جي دفاع واري ڏهاڙي جي حوالي سان قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي ڪرنل (ر) طاهر حسين مشهدي چيو ته اها قرارداد اتفاق راءِ سان آندي وئي آهي، 1965ع جي جنگ هڪ تاريخي موقعو هو، ان حوالي سان ايوان ۾ ڳالهه ٿيڻ گهرجي. مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته حالتون اهڙيون آهن جو ڪرنل (ر) طاهر حسين مشهدي کي ضرور تقرير جو موقعو ملڻ گهرجي. هن ان جنگ ۾ حصو ورتو هو کيس ڳالهائڻ ڏنو وڃي، قائد ايوان پڻ تائيد ڪئي جنهن تي صدارت ڪندڙ ڪرنل (ر) طاهر حسين مشهدي کي ان حوالي سان تقرير جو موقعو ڏنو. ڪرنل (ر) طاهر مشهدي چيو ته مون کي فخر آهي ته مون ان جنگ ۾ حصو ورتو، ان جنگ ۾ پوري قوم جو جذبو بي مثال هو، جيڪڏهن پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ٻي قوم کي ان جنگ کي منهن ڏيڻو پوي ها ته هو جنگ وڙهي ئي نه ها، اسان جو ۽ ڀارت جو جنگي ساز و سامان جي حوالي سان ڪا ڀيٽ ئي نه هئي، ڀارت جديد جنگي ساز و سامان سان ليس هو، اسان وٽ ٽٽل ڦٽل جهاز هئا، ايئرفورس ڪمال ڪري ڏيکاريو، اسان جي هڪ پائليٽ دنيا جي تاريخ ۾ گهٽ ترين وقت ۾ 5 جنگي جهاز ڪيرائڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو، ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو هو پوءِ به اسان پهري ڏينهن جيسلمير ۽ کيم ڪرن پهچي ويا هئاسين، نيول، ايئرفورس، زميني فوج بهادري جي تاريخ لکي، دنيا جي فوجي تاريخ ۾ ايتري گهٽ فوج پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي فوج کي اهڙي طرح منهن ڏئي ڪاميابي حاصل ناهي ڪئي. فوج جهڙي طرح هي جنگ وڙهي ان جو تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي، عوام جي بهادري به بي مثال هئي، ماڻهو پناهگاهن ۾ رهڻ بدران ٻاهر نڪري نعرا هڻندا هئا، محاذ تي کاڌو ۽ ايمونيشن پهچائيندا هئا. سينيٽر اي رحمان ملڪ چيو ته اڄ ڀارت ۽ مودي ڇا ڪري رهيو آهي، سڀ کي ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي، قوم کي اڄ ٻيهر 6 سيپٽمبر جهڙي جذبي جي ضرورت آهي، ان معاملي تي بحٿ ڪيو وڃي. ليفٽيننٽ جنرل (ر) صلاح الدين ترمذي چيو ته هن ايوان ۾ آئون واحد شخص آهيان جيڪو 65ع جي جنگ وڙهيو آهيان، مون کي به ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي، قائد ايوان چيو ته جنرل (ر) صلاح الدين ترمذي کي به ڳالهائڻ ڏنو وڃي، ليفٽيننٽ جنرل (ر) صلاح الدين ترمذي چيو ته 65ع جي جنگ ۾ واهگهه تي وڙهيو آهيان، ڀارت کي شڪست ڏيڻ جو اعزاز حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهيان، آئون اسٽرائيڪ فورس جو حصو هئس جيڪا بي آر بي کان پٺتي هئي، اسان دشمن سان بي آر بي کان به اڳتي وڃي وڙهيا آهيون.