حڪومت ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن: وفاقي وزير زاهد حامد

حڪومت ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن: وفاقي وزير زاهد حامد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06ستمبر 2016ء) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته حڪومت ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، ايف بي آر ۾ نيشنل ڊيا ويئر هائوس قائم ڪيو ويو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر راحيلا گل مگسي جي سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير پاران قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير زاهد حامد ٻڌايو ته ٽيڪس بنياد کي وسيع ڪرڻ جي اهميت جي حوالي سان حڪومت مالي سال 2014 – 2013ع ۾ ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ نوان قدم کڻڻ شروع ڪيا هئا. ان عمل سان اقتصادي سرگرمين بابت چڱي معلومات حاصل ٿي آهي جن سان ٽيڪس باقيدارن جي خرچن ۽ اثاثن جي نشاندهي ٿئي ٿي. هن ٻڌايو ته ان مقصد جي لاءِ ايف بي آر ۾ هڪ نيشنل ڊيٽا ويئر هائوس قائم ڪيو ويو آهي. سينيٽر ڪرنل (ر) سيد طاهر حسين مشهدي جي سوال جي جواب ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير زاهد حامد ٻڌايو ته ايل پي جي تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس پڻ آهي. ريجن ۾ به اهو ٽيڪس لڳي رهيو آهي ۽ عالمي پريڪٽس پڻ اها ئي آهي، اها رڳو پاڪستان ۾ نه آهي. سينيٽر عثمان ڪاڪڙ جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ايل پي جي تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس آهي 100 سيڪڙو نه آهي. سينيٽر چوڌري تنوير خان جي سوال جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ٻڌايو ته نيشنل بئنڪ کان قرض وٺندڙ ماڻهن/ ڪمپنين جي نالن جو معاملو نجي / ذاتي معلومات جي زمري ۾ اچي ٿو ۽ بئنڪنگ ڪمپنيز ايڪٽ آرڊيننس 1962ع تحت انهن کي تحفظ حاصل آهي ۽ ڪا به بئنڪ يا مالي ادارو پنهنجي صارفين بابت ڪا به معلومات فراهم ناهي ڪندو ۽ رازداري تي سختي سان ڪاربند رهي ٿو. نيشنل بئنڪ جا 55 ارب جا نان پرفارمنگ قرض آهن. هن ٻڌايو ته جولاءِ 2011ع کان جون 2016ع تائين ڪل فراهم ڪيل قرضن مان 271 بلين رپين جا قرض واجب الادا آهن جن ۾ ريگيولر قرض 216 ارب رپيا ۽ ڦاٿل 55 ملين رپين جا قرض آهن، گذريل 5 سالن دوران فراهم ڪيل قرضن جي ڪا رقم معاف نه ڪئي وئي آهي، اهي قرض هرگز معاف نه ڪيا ويا آهن، اهي وصول ڪرڻا آهن. سينيٽر اعظم سواتي جي سوال جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ٻڌايو ته حڪومت ملڪ ۾ انڊر انوائسنگ روڪڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، سمورا ملڪ چاهين ٿا ته انڊر انوائسنگ جو خاتمو ٿئي، ڪسٽمز ايڪٽ 1969ع جي شق 25 تحت برآمد ۽ درآمد ٿيل شين جي قدر ۽ قيمت مقرر ڪيل آهي جيڪا ڊيوٽي ۽ اوڳاڙين جي حساب ڪتاب سان آهي. انڊر انوائسنگ جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي ٿي، ڪسٽمز ايڪٽ تحت ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ڪسٽمز ويليو ايشن کي خصوصي معاملن ۾ قدر ۽ قيمت جا حڪم جاري ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي جيڪو مڪمل جاچ ۽ انڪوائري جي بنياد تي ٿئي ٿو. جيڪڏهن انڊر انوائسنگ جي خبر پئجي وڃي ته ٽيڻ تي ڏنڊ هنيو وڃي ٿو، قيد جي سزا به ٿي سگهي ٿي. سينيٽر تاج حيدر جي سوال جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ٻڌايو ته ملڪي قرضن جي 31 مئي 2016ع تائين ڪل رقم 13430.8 ارب رپيا جڏهن ته پرڏيهي قرضن جي ڪل رقم 5834.1 ارب رپيا آهي، سال 17 – 2016ع دوران حڪومت پاران ورتل ملڪي قرضن جو ڪاٿو 1589.9 ارب رپيا آهي، ايندڙ ٻن مالي سالن دوران حاصل ٿيندڙ پرڏيهي قرضن جو ڪاٿو 9743.63 ملين ڊالر آهي ۽ ادائيگي 8159 ملين ڊالر آهي.