اسلام آباد جي شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ هائوسنگ ڪوآپريٽو سوسائٽين جو معاملو تمام ڳنڀير آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد جي شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ هائوسنگ ڪوآپريٽو سوسائٽين جو معاملو تمام ڳنڀير آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ23جنوری2018ء) ڪيڊ واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد جي شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ هائوسنگ ڪوآپريٽو سوسائٽين جو معاملو تمام ڳنڀير آهي، قاعدا جوڙڻ جي حوالي سان ڪم ٿي رهيو آهي، ان معاملي جو حل ڪڍڻو پوندو. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽ جي مختلف ڪميٽين جي سفارشن تي عملدرآمد جي حوالي سان جواب ڏيندي هن چيو ته اسلام آباد ۾ ڊيلي ويجز ملازمن جو انگ 17، 18 سئو آهي، هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي آهي ته ڪيس ٽو ڪيس جائزو وٺي انهن کي مستقل ڪيو وڃي، اسان نيڪ نيتي سان عدالتي فيصلن جي روشني ۾ انهن ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. اسان جي نيت تي شڪ نه ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين چيو ته وڌيڪ ڪارروائي کانپوءِ ٻن مهينن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري غيرقانوني سوسائٽين جي حوالي سان ڪميٽي جي رپورٽ تي عملدرآمد جي حوالي سان ٻڌايو ته ان معاملي تي پڻ نيب ۽ عدالتن سميت ڪيترن ئي ادارن جا حڪم موجود آهن، اسان ان حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهيون.