مارگلا نيشنل هلز تي فاريسٽ گارڊ جي قتل جي معاملي جي جاچ کان سينيٽ کي آگاهه ڪيو وڃي: سينيٽ چيئرمين

مارگلا نيشنل هلز تي فاريسٽ گارڊ جي قتل جي معاملي جي جاچ کان سينيٽ کي آگاهه ڪيو وڃي: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ23جنوری2018ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني هدايت ڪئي آهي ته مارگلا نيشنل هلز تي فاريسٽ گارڊ جي قتل جي معاملي جي جاچ کان سينيٽ کي آگاهه ڪيو وڃي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ عوامي اهميت جي معاملي تي ڳالهائيندي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته ٽمبر مافيا اسلام آباد جي هڪ فاريسٽ گارڊ سفير حسين شاهه کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، مارگلا هلز نيشنل پاڪ ۾ گارڊ جو اهو پهريون قتل آهي، ان جو نوٽيس ورتو وڃي، مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ٻڌايو ته جاچ ڪئي پئي وڃي ته قتل جا ڪهڙا سبب آهن. ڇا ٽمبر مافيا ان ملوث آهي، اهو ڪو مقامي معاملو لڳي ٿو، سينيٽ چيئرمين چيو ته ان بابت تفصيلن کان ايوان کي آگاهه ڪيو وڃي. ماحولياتي تبديلي واري وزير مشاهد الله خان چيو ته مون ان واقعي جي معلومات ورتي آهي، اهو انساني مسئلو آهي، ڪهوٽا ۾ به اهڙي قسم جو واقعو ٿيو آهي.