مريم اورنگزيب پاران ڪوئيٽا ۾ پوليو ٽيم ۽ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي جوانن تي حملن جي مذمت

مريم اورنگزيب پاران ڪوئيٽا ۾ پوليو ٽيم ۽ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي جوانن تي حملن جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ18جنوری2018ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ڪوئيٽا ۾ پوليو ٽيم ۽ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي جوانن تي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي. خميس ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسان جا شهيد اسان جو فخر آهن، ملڪ ۽ قوم جي حفاظت لاءِ انهن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، هن چيو ته صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، مريم اورنگزيب چيو ته پوليو ورڪرز اسان جي ٻارن کي موذي بيماري کان بچائڻ لاءِ پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا هئا، انسانيت جي خدمت ڪندڙن تي حملا انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهن، هن ڏکويل خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو به اظهار ڪيو.