وزيراعظم پاران ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن تي حملي جي مذمت

وزيراعظم پاران ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن تي حملي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ18جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن تي حملي جي پرزور مذمت ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ خميس ڏينهن ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا، وزيراعظم بلوچستان ڪانسٽيبلري جي صوبي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ خدمتن کي ساراهيو، هن سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت به ڪئي۔