قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ جوڙيل پاڪستان جو آئين ئي اسان جو بنيادي بيانو آهي: صدر ممنون حسين

قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ جوڙيل پاڪستان جو آئين ئي اسان جو بنيادي بيانو آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ16جنوری2018ء) صدر ممنون حسين انتهاپسندي جي روڪٿام ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قوم جي متفقه بيانو ”پيغام پاڪستان“ جاري ڪندي چيو آهي ته قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ جوڙيل پاڪستان جو آئين ئي اسان جو بنيادي بيانو آهي جڏهن ته عالمن جي فتويٰ ان جي وضاحت ۽ تائيد ڪري ٿي جنهن سان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ انٽرنيشنل اسلاملڪ يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ متفقه قومي بياني جي حوالي سان شايع ٿيندڙ ڪتاب ”پيغام پاڪستان“ جاري ڪرڻ جي موقعي تي چئي جنهن ۾ 18 سئو کان وڌيڪ عالم سڳورن جو متفقه فتويٰ شايع ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ دهشتگردي، رتوڇاڻ ۽ خودڪش حملن کي حرام قرار ڏنو ويو آهي، ان موقعي تي گهرو وزير احسن اقبال، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين مولانا فضل الرحمان، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد، ريڪٽر انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي، وفاق المدارس العربيه جو صدر ڊاڪٽر عبدالرزاق، تنظيم المدارس اهل سنت جو صدر مفتي منيب الرحمان، وفاق مدارس سلفيه جو صدر پروفيسر ساجد مير، وفاق مدارس شعيه جو صدر علامه سيد رياض حسين نجفي، رابط المدارس جو صدر مولانا عبدالمالڪ به خطاب ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان جو آئين قومي اتحاد ۽ فرقيواراڻي هم آهنگي کي مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿو، هن چيو ته اسان جو آئين ئي اسان جو بنيادي بيان آهي ڇو ته ان جو بنياد قرآن ۽ سنت جي تعليم ۽ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي فڪر تي رکيو ويو آهي، ان لاءِ هي اسان جي پهرين ذميداري آهي ته پنهنجي ان بنياد کي مضبوطي سان پڪڙيون، صدر چيو ته پيغام پاڪستان جي نالي سان جوڙيل فتويٰ ۾ سمورن ديني مڪتب فڪر قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ گڏيل اتفاق راءِ سان هڪ سٺو دستاويز جوڙيو آهي جنهن جي ذريعي فرقيواريت ۽ دين کي هن ڌرتي تي فساد لاءِ استعمال ڪرڻ جو دليل رد ٿي ويندو آهي ۽ اسلام جو حقيقي چهرو سامهون اچي ٿو، ان ڪاميابي تي اهل علم مبارڪباد جا مستحق آهن، صدر چيو ته عالم سڳورن جي متفقه فتويٰ ”پيغام پاڪستان“ جو بيانو انهن ماڻهن جي اصلاح جو ذريعو به بڻجندو جيڪي ڪجهه ناپسنديده عنصرن جي منفي پروپيگنڊا جو شڪار ٿي ڪري رستو ڀلجي ويا هئا، مون کي يقين آهي ته اسلام جي حقيقي تعليم جي روشني ۾ ڏنل هي فتويٰ انهن جي دنيا ۽ آخرت ۾ فلاح جو رستو هموار ڪندي، صدر خواهش جو اظهار ڪيو ته شدت پسندي جي حوالي سان هڪ جامع دستاويز جي تياري ۾ ڪاميابي کانپوءِ معاشري ۾ فرقيواريت جي فروغ وٺندڙ مختلف شڪلين تي به ڌيان ڏنو وڃي ڇو ته تازو ئي فرقيواريت جا ڪجهه اهڙا منظر ڏسڻ لاءِ مليا جيڪي ڪيترن ئي حوالن سان ڳڻتي جوڳا آهن، ان ناپسنديده رجحان تي ضابطو نه آندو ويو ته خدشو آهي ته ان سبب ملڪ ۾ فتنن جو هڪ وڏو طوفان برپا ٿيندو جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ زمانا گهربل هوندا، ان لاءِ ضروري آهي ته عالم سڳورا، اهل فڪر ۽ دانش ۽ رياست جي سمورن لاڳاپيل ادارا ان سلسلي ۾ هينئر کان تيار ٿي وڃن ۽ ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ انفرادي ڪوششن کانسواءِ پوري قومي اتفاق راءِ سان اجتماعي طور تي به ڪم ڪن ته جيئن حقير مقصدن لاءِ قوم کي تقسيم در تقسيم کان بچائي سگهجي. گهرو وفاقي وزير احسن اقبال پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ علمي انقلاب دنيا جي دروازي تي دستڪ ڏئي رهيو آهي، مسلمان ان دستڪ کي ٻڌن ۽ مستقبل لاءِ پنهنجي رخ کي درست ڪري پنهنجي معاشرن ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائين ڇو ته ان تي مستقبل جو دارومدار آهي. خواجه محمد آصف چيو ته اسان جي خواهش آهي ته هي بيانو قومي شناخت جو حصو بڻجي وڃي، دهشتگردن جو ساٿ ڏيندڙن جي لاءِ ملڪ ۾ ڪا به جڳهه نه آهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته بندوق جي ذريعي شرعيت جو مطالبو غلط آهي ۽ اسان ان کان بيزاري جو اعلان ڪريون ٿا ۽ اسان بندوق جي ذريعي شريعي نظام جو مطالبو ڪندڙن کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي اصل سڃاڻپ اسلام آهي مسلڪ نه، راجا ظفر الحق چيو ته بيانو درست رخ ۾ مثبت ڪوشش آهي جنهن سان مقصد حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي، تقريب ۾ زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙم جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.