غريب ۽ مستحق ماڻهن کي غربت مان هميشه لاءِ ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي گريجوئيشن پلان جي لاءِ بهترين عالمي طريقن ۽ ماضي جي تجربن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

غريب ۽ مستحق ماڻهن کي غربت مان هميشه لاءِ ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي گريجوئيشن پلان جي لاءِ بهترين عالمي طريقن ۽ ماضي جي تجربن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ16جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي غريب ۽ مستحق ماڻهن کي غربت مان هميشه لاءِ ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي گريجوئيشن پلان جي لاءِ بهترين عالمي طريقن ۽ ماضي جي تجربن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) مان فائدو حاصل ڪندڙن جي لاءِ گريجوئيشن پلان جي باري ۾ بريفنگ جي صدارت ڪندي چئي. بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ، بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري عمر حميد خان ۽ ٻيا سينئر آفيسر به اجلاس ۾ موجود هئا. وزيراعظم کي گريجوئيشن جي حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو جيڪو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙن کي انهن جي گهريلو آمدني ۾ اضافي، هنرمند بڻائڻ جي تربيت ۽ انساني وسيلن جي ترقي سان گڏوگڏ ڀلائي کي فروغ ڏئي کين غربت جي چنبي مان هميشه لاءِ ڪڍڻ لاءِ جوڙي پئي وڃي، وزيراعظم ٻڌايو ته بي آءِ ايس پي مان فائدو کڻندڙن کي پنهنجي روزگار جي ذريعي آمدني جي قابل بڻائڻ جي حوالي سان بهترين عالمي طريقن ۽ قابل عمل حل جي پيروي ڪئي پئي وڃي، بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري پيروي ڪيل مختلف ماڊلز جي تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن ۾ پنهنجي روزگار جي لاءِ بزنس انڪوبيشن ۽ اثاثن جي منتقلي، ڪاروباري تربيت سان گڏ ڪاروبار جي آغاز جي لاءِ سڌي سنئين روڪ رقم جي فراهمي ۽ آمدني پيدا ڪرڻ ۽ ماحولياتي غربت ختم ڪرڻ جي لاءِ پبلڪ ورڪ پروگرامز شامل آهن، هن وزيراعظم کي پروگرام جي مختلف مرحلن جي دوران ان مان فائدو حاصل ڪندڙن کي فراهم ڪيل مالي مدد ۽ پروگرام جي رسائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، وزيراعظم بي آءِ ايس پي جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سمورن طريقن کي نظر ۾ رکندي هڪ جامع منصوبو پيش ڪيو وڃي جيڪو ڊگهو ۽ مثبت اثر رکندڙ هجي، هن چيو ته گريجوئيشن پروگرام جو مقامي حل جوڙيندي بهترين عالمي قدمن ۽ ماضي جي تجربن کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي.