قومي اسيمبلي جي تڪن اين اي 120 لاهور ۽ اين اي 4 پشاور ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال جي پائليٽ پراجيڪٽ جي رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش

قومي اسيمبلي جي تڪن اين اي 120 لاهور ۽ اين اي 4 پشاور ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال جي پائليٽ پراجيڪٽ جي رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ15جنوری2018ء) قومي اسيمبلي جي تڪن اين اي 120 لاهور ۽ اين اي 4 پشاور ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال جي پائليٽ پراجيڪٽ جي رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي جنهن موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي مجموعي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي سطح موجب نه رهي. ڪالهه سومر ڏينهن وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد اهي رپورٽون ايوان ۾ پيش ڪيون. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن 50 سيڪڙو تائين ڪاميابي سان ڪم ڪيو جڏهن ته پولنگ دوران پولنگ اسٽيشنن جي اندر انهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو مسئلو يا رڪاوٽ پيش نه آئي.