قومي اسيمبلي ميمبرن پاران ڪوئيٽا ۾ چرچ تي حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جو حڪومتي سطح تي علاج ڪرائڻ جو مطالبو

قومي اسيمبلي ميمبرن پاران ڪوئيٽا ۾ چرچ تي حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جو حڪومتي سطح تي علاج ڪرائڻ جو مطالبو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ15جنوری2018ء) قومي اسيمبلي ميمبرن ڪوئيٽا ۾ چرچ تي حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جو حڪومتي سطح تي علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي اقبال محمد علي خان چيو ته هاڪي هڪ قومي راند آهي جيڪا تباهه حال آهي، اسان ٻارهين پوزيشن تي اچي ويا آهيون، نيب پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۽ هاڪي فيڊريشن جو ڪيس کڻي ورتو آهي، پي ايس ايل تي رڳو ڌيان ڏنو پيو وڃي، پي ايس ايل جي آڊٽ رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وڃي، ڪرڪيٽ بورڊ سميت سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي. آسيه ناصر چيو ته ڪوئيٽا ۾ گذريل مهيني هڪ چرچ تي حملي ۾ 9 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، زخمين جو علاج حڪومتي سطح تي ڪرايو وڃي ۽ سمورن متاثر خاندانن کي زرتلافي ادا ڪئي وڃي۔